
سنڌ حڪومت جو عالمي اداري جي سھڪار سان سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي ھڪ ويلو ماني ڏيڻ جو فيصلو
ڪراچي سنڌ حڪومت خوراڪ جي عالمي اداري (WFP) سان گڏجي سنڌ سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي منجھند جو ھڪ ويلو مفت ماني ڏيڻ جو پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام (WFP) جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشي ياما (Ms. Coco Ushiyama) وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران سرڪاري اسڪولن جي ٻارڙن ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ خوراڪ سان لاڳاپيل مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ڪراچي آفيس ٿيندڙ ملاقات ۾ اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري زاهد علي عباسي ۽ ٻين عملدارن به شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته گھريلو وسيلن جي کوٽ ۽ وڌندڙ آبادي سبب ڪيترائي والدين پنهنجن ٻارن کي مناسب خوراڪ مهيا ڪرڻ کان قاصر آهن، جنهن جو اثر سندن ٻارڙن جي سکيا جي صلاحيت تي پوي پڻ ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هيءُ پروگرام خاص طور تي انهن علائقن ۾ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا، جتي غربت وڌيڪ آهي ۽ ٻارڙا غذائي جي کوٽ جو شڪار آهن.
تعليم واري وزير وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ باقاعده کاڌي جي فراهمي سان نه صرف اسڪول ڇڏڻ جي شرح گهٽبي، پر حاضري ۾ به سڌارو ايندو. ان کان علاوه، جيڪي خاندان پنهنجن ٻارن کي محنت مزدوري لاءِ موڪلڻ تي مجبور آهن، اهي به پنھنجن ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ تي ترجيح ڏيندا.
ان موقعي تي WFP جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشي ياما به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته متوازن خوراڪ ٻارن جي ذهني واڌ ويجهه ۽ ياداشت کي بهتر بڻائي ٿي، جنهن سان سندن سکيا جي صلاحيت وڌي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪول ۾ ھڪ ويلو بھتر کاڌو ملڻ سان ٻارن جي مدافعتي نظام بهتر بھتر ڪرڻ ۾ ھٿي ملندي جنهن سان هو مختلف بيمارين کان پڻ محفوظ رهي سگهندا.
صوبائي وزير سردار علي شاهه پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ معياري کاڌي جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو ته معياري غذا کي يقيني بڻائڻ هن پروگرام جي پھرين ترجيح هجڻ گهرجي، اجلاس ۾ اسڪولن ۾ خوراڪ جي فراھمي جي فيصلي موجب ٻڌايو ويو ته پروگرام جو پهريون مرحلو ڪراچي جي ملير ضلعي مان شروع ڪيو ويندو، جتي اسڪولن ۽ ڀرپاسي جي علائقن جو بنيادي سروي پڻ ڪيو ويندو. هن منصوبي جي شروعاتي مرحلي ۾ 11,000 ٻارن کي “هاٽ ميل لنچ بڪس” فراهم ڪيا ويندا. پروگرام جي پهريون سال پورو ٿيڻ بابت نتيجن ۽ اڳڀرائي جي بنياد تي ان کي ٻين شهرن جي سرڪاري اسڪولن تائين به وڌايو ويندو، گڏوگڏ اسڪولن ۾ خوراڪ جي فراهمي واري نظام کي اثرائتي طريقي سان مانيٽرنگ به ڪئي ويندي ته جيئن کاڌي جي معيار ۽ غذائي قدرن کي يقيني بڻائي سگهجي.
ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، WFP جي ڪنٽري ڊائريڪٽر کي چيو ته کاڌي جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ مؤثر ميڪينزم تيار ڪيو وڃي، ته جيئن ٻارن جي غذائيت ۽ صحت جي بهتري لاءِ جوڙيل هي پروگرام لاڀائتو ثابت ٿي سگهي.