
ڪراچي
سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آئين ٺاهڻ ۽ قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي. پاڪستان جي آئين موجب پارليامينٽ سڀ کان مٿانهون ادارو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪا آهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي آئين جو تحفظ ڪندي.
هڪ بيان ۾، سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي تي يقين رکي ٿي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پهرئين دور حڪومت ۾ پارليامينٽ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر آصف علي زرداري پنهنجا صدارتي اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا. صدر آصف علي زرداري صدارتي اختيار گهٽائي پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪيو.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي هر اداري جي ذميواري آهي ته اهو پارليامينٽ جي منظور ڪيل آئين جي پاسداري ڪري. جمهوريت جي استحڪام ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ جدوجهد پاڪستان پيپلز پارٽي جي تاريخ رهي آهي.