وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران انا بابت آگاهي واري عالمي ڏھاڙي تي پيغام
ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انا بابت آگاهي واري عالمي ڏھاڙي (World Ego Awareness Day) جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته انا تي ضابطو ۽ خود احتسابي هڪ مهذب سماج جو بنياد آهي. هن چيو ته هي ڏينهن عاجزي، برداشت ۽ مثبت روين جي واڌاري جو درس ڏئي ٿو. وڏي وزير چيو ته سماج ۾ هم آهنگي، برداشت ۽ امن جي قيام لاءِ جذباتي شعور انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته انا پرستي انسانن جي وچ ۾ فاصلا پيدا ڪري ٿي، جڏهن ته شعور، محبت ۽ انسانيت جو احترام ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوان نسل ۾ برداشت، همدردي ۽ خود آگاهي کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت ذهني صحت، سماجي هم آهنگي ۽ مثبت انساني روين جي واڌاري لاءِ پُرعزم آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اڄوڪي ڏينهن سندن روين جو جائزو وٺي هڪ بهتر، پُرامن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل سماج جي اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
