فروری 3, 2025

سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي ڪراچي جاري ۾ يوتھ ڪانفرنس ۾ شرڪت

“هن ملڪ ۾ درست انگن اکرن جي بنياد تي اسان کي ڳڻپ ۾ ئي شمار نٿو ڪيو وڃي، مسئلا تي ڳالھائڻ ته بعد جي ڳالھ آھي.” – سردار شاهه

ڪراچي ( پھرئين فيبروري 2025) :تعليم جي نظام ۾ درپيش چئلينجن جي حوالي سان مختلف اسٽيڪ هولڊرن انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته تعليم جو تصور تخليق ۽ استعمال مجموعي تحفظ لاءِ هئڻ گھرجي جنھن سان نوجوانن لاءِ مستقبل لاءِ هڪ واضح راھ طئي ٿيندي ۽ سماجي سطح تي ترقي ممڪن بڻجي سگهندي.

انهن خيالن جو اظهار سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه اڄ سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي پاران ٿيندڙ يوتھ ڪانفرنس “21هين صدي جي نوجوانن جا مسئلا ۽ انهن جا حل” جي هڪ سيشن دوران پينلسٽ طور ڪيو. سيشن جو موضوع “تعليم جي نظام ۾ خال” هو. پينلسٽ ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه، نامور صحافي وسعت الله خان، دانشور جامي چانڊيو، ۽ انڊس ريسورس سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر صادقه صلاح الدين خيالن جو اظھار ڪيو.

ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته تعليم تحفظ جو احساس ڏياري ٿي، تعليم کي هر ڪنهن لاءِ تحفظ جو ذريعو بڻائڻ چاهيون ٿا. جڏهن اسان جو نوجوان پاڻ کي محفوظ محسوس ڪندو، تڏهن ئي هو هر قسم جي فرق کان مٿانهون ٿي ٻين جي تحفظ جو به خيال رکي سگهندو. سيد سردار علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ تعليم بابت چئلينجن جي اصل جڙ رياست جي پراڻين پاليسين جي ڪري آهي، جتي تعليم کي ڪڏهن به واقعي ترجيح نه ڏني وئي. جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ دوران خاص طور سنڌ جي تعليم کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اڄ به اسان آئيني حقن لاءِ وڙهي رهيا آهيون.

صوبائي سطح تي تعليم لاءِ مختص بجيٽ جو 92 سيڪڙو حصو پگهارن ۽ آپريشنل خرچن تي خرچ ٿئي ٿو، جڏهن ته ترقياتي اسڪيمز ۾ تعليم لاءِ رڳو 2 سيڪڙو رکيو وڃي ٿو. صوبائي وزير چيو ته اسان پنهنجي خامين کي ڪڏهن به نه لڪايو آھي، ۽ سماجي سطح تي سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته ملڪ جي وڌندڙ آبادي بابت معاشرتي سطح تي غير سنجيده رويو آهي. مفت بنيادي تعليم جي آئيني واعدي جي باوجود 25 ملين ٻار اڄ به پئسا ڏئي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ۽ لڳ ڀڳ ايترا ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. هن افسوس سان چيو ته هن ملڪ ۾ صحيح انگن اکرن جي بنياد تي اسان جي ڳڻپ ئي نه ٿئي ٿي، جڏهن ته مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ جي نوبت ته بعد جي آھي.

سردار علي شاهه چيو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب سنڌ ۾ ٿيندڙ برساتن ۽ ٻوڏن جي ڪري 20 هزار اسڪول تباهه ٿيا. انهن اسڪولن جي بحالي لاءِ وفاق ٽن سالن کان پوءِ مدد لاءِ تيار ٿيو آهي، جنهن سان 4 هزار اسڪول ٻيهر بحال ڪيا پيا وڃن. وفاق کي گهرجي ته تعليم جي حوالي سان رياستي سطح تي صوبن سان تعاون کي وڌائي. هن چيو ته سڀني چئلينجن جي باوجود سنڌ ۾ پاليسين جي حوالي سان ڪيترين ئي نون روايتن جو بنياد رکيو ويو آهي. سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ٽيچنگ لائسنس پاليسي لاڳو ڪئي وئي ۽ 60 هزار کان وڌيڪ استادن کي ميرٽ تي مقرر ڪيو ويو آهي. اسان روايتي تعليمي نظام سان گڏ جديد دور سان هم آهنگ رهڻ لاءِ فني تعليم پڻ شروع ڪئي آهي. ان کان علاوه اسڪول وڃڻ کان محروم رهجي ويل ٻارن لاءِ نان فارمل تعليم ذريعي فني ۽ ووڪيشنل تعليم ڏيڻ لاءِ 3 هزار سينٽر قائم ڪري رهيا آهيون. نصابي سڌارن جي حوالي سان اسين سول سوسائٽي سان گڏجي ڪيريڪولم ڪائونسل قائم ڪرڻ وارا آهيون، جتي توجهه اهڙي نصاب جي تياري تي ڏني ويندي جيڪو ٻارن جي سکيا جي صلاحيت کي وڌائي سگهي.

پينل ڊسڪشن دوران انڊس ريسورس سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊاريڪٽر صادقه صلاح الدين چيو ته سنڌ ۾ ڌيئرن جي حفاظت لاءِ وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. تعليم جي حوالي سان سنڌ جي ماڻهن وٽ پٽن ۽ ڌيئرن جي وچ ۾ ڪو خاص فرق نه آهي، پر تحفظ جي احساس کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته والدين پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ چاهين ٿا، اسان موقعا فراھم ڪرڻا پوندا، وسيلن جي غير ضروري استعمال کي گهٽائڻ ۽ احتساب کي موثر بڻائڻ سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

دانشور جامي چانڊيو چيو ته رياست تعليم کي رڳو نالج سينٽر واري مرڪز طور پيش ڪندي رھي آھي، جتي ٻارن کي سوال ڪرڻ بلڪل به نه سيکاريو ويو آھي، اهڙي روئي جي ڪري مذهبي انتهاپسندي وڌي ۽ تنقيدي شعور گهٽجي ويو. هن چيو ته استادن جي تربيت نهايت ضروري آهي، اسان جو انحصار هاڻي روايتي تدريسي طريقن تي نه هجڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته والدين پنهنجن ٻارن کان سٺن مارڪن جي اميد ته ڪن ٿا، پر سٺن علم رکڻ جي اميد نه ٿا رکن. اڪيهوين صدي جي سلامتي جو اصل راز تعليم آهي. “اسان سيڪيورٽي اسٽيٽ جون ڳالهيون ته ڪيون، پر سڀ کان وڌيڪ انسيڪيور پاڻ ئي آهيون.”

نامور صحافي وسعت الله خان چيو ته وڌندڙ آبادي جي تناظر ۾ اهو به سوچڻو پوندو ته ايندڙ نسل لاءِ بهتر ۽ محفوظ مستقبل ڪيئن مهيا ڪري سگهجي. “جيڪڏهن ابتدائي مرحلن ۾ ٻارن لاءِ راھ جو تعين نه ڪيو ويو ته اسان جا نوجوان آساني سان ڪنهن جي به مفادن لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا.” سيشن جي آخر ۾ سوال جواب جو سلسلو به ٿيو. ٽن ڏينهن واري يوتھ ڪانفرنس آچر تائين جاري رهندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے