وڏي وزير جو چائنا نارمل يونيورسٽي جو دورو، مختلف شعبن جو معائنو، تفصيلي بريفنگ ڏني وئي
وڏي وزير پاران سهڪار لاءِ چئن نقطن تي ٻڌل فريم ورڪ پيش، ايجوڪيشن سٽي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
وڏي وزير پاران سنڌ جي تهذيبي ورثي کي اجاگر، چيني استادن ۽ شاگردن کي سنڌ جي دوري جي دعوت
ووهان، چين ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ صوبي ۽ چين وچ ۾ تعليمي ۽ تدريسي سهڪار جي نئين دور جي شروعات تي زور ڏيندي استادن جي تربيت، تعليمي ٽيڪنالاجي، شاگردن جي مٽاسٽا، چیني ٻوليءَ جي تعليم ۽ گڏيل تحقيق جي شعبن ۾ مضبوط ڀائيواري قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
ووهان جي مشهور سينٽرل چائنا نارمل يونيورسٽي (سي سي اين يو) ۾ پاڪستاني ۽ چيني يونيورسٽين جي اڳواڻن، استادن ۽ شاگردن جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته تعليم ۽ نوجوانن وچ ۾ رابطن جو فروغ پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي ايندڙ مرحلي جو بنياد بڻجندو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 75 سال مڪمل ڪري رهيا آهن.
تقريب ۾ سي سي اين يو جو صدر پروفيسر پينگ شوانگ جي، يونيورسٽي جي پارٽي ڪميٽي جو سيڪريٽري مسٽر شيا لي شن، سينيئر تعليمي ماهر، محقق ۽ شاگرد شريڪ ٿيا.
تعليمي ميدان ۾ نمايان مقام
سال 1903ع ۾ قائم ٿيل سي سي اين يو جي تاريخي حيثيت کي ساراهيندي مراد علي شاهه استادن جي تعليم ۽ تدريسي جدت جي ميدان ۾ اداري جي ڊگهي عالمي خدمتن کي ساراهيو.
وڏي وزير چيو ته هڪ اهڙي يونيورسٽيءَ ۾ موجود هجڻ اعزاز آهي، جيڪا هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي کان استادن جي تعليم ۽ تربيت ڪري رهي آهي. جڏهن هڪ استاد کي تعليم ڏني وڃي ٿي ته اصل ۾ ڪيترن ئي نسلن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. سي سي اين يو جهڙا ادارا علم، جدت ۽ انساني ترقيءَ ذريعي قومن جو مستقبل جوڙين ٿا.
مختلف تهذيبن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته جيئن يانگزي درياهه چين جي تاريخ جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، تيئن سنڌو درياهه سنڌ جي ورثي تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. هن سنڌ جي شاهوڪار تهذيبي تاريخ جو ذڪر ڪندي موهن جو دڙو، مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ادبي ورثي کي اجاگر ڪيو. هن چيني شاگردن ۽ استادن کي ڪراچيءَ جي متحرڪ واپاري مرڪز جو دورو ڪرڻ ۽ سنڌ جي شاهوڪار ثقافت کي ويجهي کان ڏسڻ جي دعوت پڻ ڏني.
سهڪار لاءِ چئن نقطن تي ٻڌل فريم ورڪ
سنڌ ۾ جاري تعليمي سڌارن، ڊجيٽل سکيا، فني تعليم ۽ ڪراچي ايجوڪيشن سٽي جي ترقيءَ لاءِ ڪيل سيڙپڪاريءَ جو ذڪر ڪندي مراد علي شاهه سي سي اين يو سان ٻه طرفي سهڪار لاءِ چئن نقطن تي ٻڌل عملي فريم ورڪ پيش ڪيو.
1۔ استادن جي تربيت: سي سي اين يو، سنڌ جي تعليم کاتي ۽ صوبائي يونيورسٽين وچ ۾ سهڪار ذريعي تربيتي پروگرامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، جنهن جي شروعات سنڌ مان ماسٽر ٽرينرز جي تياريءَ سان ڪئي ويندي۔
2۔ تعليمي مٽاسٽا: اسڪالرشپس، استادن جي مٽاسٽا، تحقيقي فيلوشپس ۽ مختصر مدي وارن تعليمي پروگرامن کي وڌائڻ، جيئن سرحد پار شاگردن ۽ پروفيشنلز جي اچ وڃ ۽ رابطن کي هٿي ملي.
3۔ چیني ٻوليءَ جي سکیا: سنڌ جي اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ منڊرين ٻوليءَ جي استادن جي تربيت لاءِ سي سي اين يو کي سهڪار جي دعوت ڏيڻ، جيئن ثقافتي، تعليمي ۽ معاشي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.
4۔ گڏيل تحقيقي منصوبا: موسمياتي تبديلي، پاڻيءَ جي انتظام، مصنوعي ذهانت، قابل تجديد توانائي، اسمارٽ سٽيز ۽ سنڌو توڙي يانگزي درياهن جي تهذيبن جي تقابلي تاريخ جهڙن گڏيل اهم مسئلن تي تحقيق لاءِ سهڪاري منصوبا قائم ڪرڻ
نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ
يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگردن کي خطاب ڪندي وڏي وزير کين پاڪستان جا حقيقي سفير قرار ڏنو. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو وڌ کان وڌ علم حاصل ڪن ۽ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس اچي سنڌ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سڀ کان مضبوط پل رڳو ڪنڪريٽ يا اسٽيل سان نه ٺهندو، پر اهو تعليم يافته، مهارتن سان ليس ۽ هڪ ٻئي سان رابطن ۾ رهندڙ نوجوانن ذريعي تعمير ٿيندو، جيڪي هڪ ٻئي کي سمجهن ۽ گڏيل مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪن.
سي سي اين يو جي قيادت پاران آجيان
ان کان اڳ يونيورسٽي پهچڻ تي وڏي وزير جي آجيان سي سي اين يو جي ڊپٽي پريزيڊنٽ مسٽر لي ۽ استادن ڪئي. بعد ۾ وڏي وزير کي يونيورسٽيءَ ۾ ڊجيٽل تدريسي ڪلاسن، تحقيقي سرگرمين ۽ اداري جي حيثيت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيءَ ۾ 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ 25 شعبن ۾ 2500 استاد موجود آهن.
باضابطه ڳالهين دوران وڏي وزير سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ طور روايتي اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون يونيورسٽي جي صدر پروفيسر پينگ شوانگ جي ۽ پارٽي ڪميٽي جي سيڪريٽري مسٽر شيا لي شن کي پيش ڪيون.
چيني قيادت سنڌ ۽ هوبئي صوبي جي ادارن وچ ۾ رابطن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي پروگرامن کي وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪندي پيش ڪيل تجويزن جي آجيان ڪئي.
وڏي وزير سان گڏ اعليٰ سطح جي وفد ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، وزير منصوبابندي ۽ ترقيٰ جام خان شورو، وڏي وزير جو خاص معاون سيد قاسم نويد، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين منصوبابندي ۽ ترقيٰ نجم شاهه، سيڪريٽري سيڙپڪاري راجا خرم شهزاد، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد زمان ۽ ٻيا عملدار شامل هئا۔
