سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ خاص ڪميٽي جو اجلاس، استادن جي ڀرتين ۽ ويٽنگ لسٽ بابت اهم فيصلا
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ استادن جي ڀرتين، ويٽنگ لسٽ ۽ پاليسي معاملن بابت خاص ڪميٽي جو اجلاس سنڌ اسيمبلي ۾ ٿي گذريو.
اجلاس ۾ تعليم وارو صوبائي وزير سردار علي شاهه، اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي، اسيمبلي ميمبر جميل احمد سومرو، تنزيلا ام حبيبه، محمد شبير قريشي، محمد راشد خان، لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس جي شروعات ۾ صوبائي تعليم واري وزير سردار علي شاهه ڪميٽي کي پي ايس ٽي، جي اي ايس ٽي ويٽنگ لسٽ، جونيئر سائنس ٽيچرز ۽ ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرز (ECT) جي ٽيسٽ نتيجن موجب ڀرتين ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاڳاپيل فيصلي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي ڪميٽي جي چيئرمين سيد اويس قادر شاهه چيو ته عدالتن جي فيصلن جو احترام ۽ انهن تي مڪمل عملدرآمد سڀني لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي. هن قانون واري کاتي جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو اطلاق رڳو درخواستگذارن تي ٿيندو يا سڀني ويٽنگ اميدوارن تي، جنهن بابت قانون کاتو پنهنجو قانوني رايو پيش ڪري.
اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ چيو ته ڪميٽي جي گڏيل خواهش آهي ته سڀني حقدار اميدوارن کي ميرٽ جي بنياد تي مناسب رليف فراهم ڪيو وڃي.
اجلاس دوران ويٽنگ لسٽ بابت مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو. ايم پي اي جميل احمد سومري تجويز ڏني ته قانوني گهرجن ۽ خالي جاين جي دستيابي کي نظر ۾ رکندي ويٽنگ لسٽ ختم ڪرڻ ۽ اهل اميدوارن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو وڃي.
بعد ۾ ڪميٽي ارلي چائلڊ ٽيچرز (ECT) جي ڀرتين واري ايجنڊا تي به غور ڪيو. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه تجويز ڏني ته اهليت جي معيار بابت سڀني قانوني ۽ انتظامي پهلوئن جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ اهل اميدوارن، خاص طور تي عورتن کي قانون ۽ ميرٽ موجب رليف فراهم ڪري سگهجي.
اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ خاص ڪميٽي متفقه طور فيصلو ڪيو ته پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ قانون واري کاتي کان تفصيلي قانوني راءِ (ليگل اوپينين) ورتي ويندي. ڪميٽي وڌيڪ فيصلو ڪيو ته اسڪولن ۾ سائنس تعليم جي واڌاري جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي جونيئر سائنس ٽيچرز لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ سڀني اميدوارن کي اڳواٽ مقرر ڪيل پاسنگ معيار، يعني 55 مارڪون حاصل ڪندڙن کي ڀرتي ڪيو ويندو. اهڙيءَ ريت ارلي چائلڊ ٽيچرز (ECT) لاءِ به مقرر ڪيل پاسنگ مارڪن تحت ڪامياب اميدوارن کي فوري طور مقرري جا آرڊر جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته باقي رهيل خالي جاين تي ڀرتين جو عمل ايندڙ ٽن مهينن اندر مڪمل ڪيو ويندو.
اجلاس جي پڄاڻيءَ تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه اعلان ڪيو ته خاص ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 5 آگسٽ 2026 تي منعقد ٿيندو.
