
سنڌ حڪومت قابل تجديد توانائي جي تمام وڏن منصوبن تي تيزي سان عمل ڪري رهي آهي: ناصر حسين شاھ
ڪراچي سندھ حڪومت اقوام متحدہ جي طرفان اعلان ڪيل بين الاقوامي ڏينهن براءِ صاف توانائي جي موقعي تي عزم جو اظهار ڪيو آهي ته اهي صوبي موجوده قابل تجديد توانائي جي ذريعن تي انحصار وڌائي بجلي جي پيداوار لاء تيل ۽ گيس جي استعمال کي گھٽ کان گھٽ ڪندي.بين الاقوامي ڏينهن براءِ صاف توانائي جي موقعي تي آچر ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾، سنڌ جي توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته صوبائي حڪومت صوبي ۾ بجلي ۽ شمسي توانائي جي ذريعن جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ لاءِ پاليسي قدمن تي تيز رفتاري سان نافذ ڪيو آھي. هن چيو ته وڏن شهرن ۾ بجلي جي وڌيڪ استعمال لاءِ يوٽيليٽي اسڪيل سولر پارڪس جي تعمير ۽ ڏورانهن علائقن ۾ گرڊ سان غير منسلڪ ڳوٺن لاءِ ورلڊ بينڪ جي مدد سان سولر هوم سسٽمز جي فراهمي، سنڌ حڪومت جي پاليسي جا اهم ستون آهن، جيڪي صاف بجلي جي ذريعن جي استعمال کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.هن زور ڀريو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه پيپلز پارٽيءَ جي منشور موجب صاف توانائي جي ذريعن تي انحصار وڌائڻ لاءِ مڪمل حمايت ۽ همٿ افزائي فراهم ڪئي آهي ته جيئن صوبي جي گهرن، تجارتي مرڪزن ۽ صنعتن کي گهٽ ۾ گھٽ قيمت تي بجلي جي بلا تعطل فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي موجوده بجيٽ ۾ صاف توانائي جي منصوبن تي تيز عمل ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ فنڊنگ مختص ڪئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ۽ صوبائي ٽرانسميشن ۽ ڊسپيچ ۽ گرڊ ڪمپنين جو قيام صوبائي حڪومت پاران متبادل توانائي جي ذريعن جي استعمال کي ھٿي وٺرائڻ ھاڻي تائين جا اھم ترين سنگ ميل آھن. ان کان علاوه مائڪرو گرڊس بہ ٺاھيون وڃن ٿيونِ ته جيئن ڳوٺاڻن علائقن ۾ شمسي توانائي پلانٽس ذريعي توانائي فراهم ڪئي وڃي.سندھ جي توانائي واري وزير چيو ته سنڌ ٽرانسميشن ۽ ڊسپيچ ڪمپني، نجی شعبي ذريعي صاف بجلي جي ترسيل کي مڪمل طور تي سھولت فراهم ڪندي ته جيئن شهري علائقن جي ويجھن صنعتن کي توانائي فراهم ڪري سگهجي. ناصر حسين شاهه چيو ته صوبي ۾ 48 پبلڪ سيڪٽر جي وڏين عمارتن جي ڇتن تي شمسي توانائي جي نظام نصب ڪيا پيا وڃن، جن جي مجموعي صلاحيت 30 ميگا واٽ صاف توانائي پيدا ڪرڻ جي آهي
. هن چيو ته ورلڊ بينڪ جي مالي مدد سان سنڌ شمسي توانائي منصوبي تحت 200,000 سولر هوم سسٽمز جي تقسيم جو منصوبو شروع ڪري چڪو آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ 656 سرڪاري اسڪولن ۽ 211 ڳوٺاڻن صحت جي مرڪزن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي.
پبلڪ لائبريرين ۾ پڻ بيٽري بیڪ اپ سان شمسي نظام نصب ڪيا پيا وڃن ته جيئن بجلي جي بلا تعطل فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ وڌيڪ 500,000 سولر هوم سسٽمز فراهم ڪندي، جن کي ڳوٺاڻن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. سنڌ جي توانائي واري وزير چيو ته صوبائي حڪومت شهري علائقن ۾ 250 ميگا واٽ صاف توانائي جي مجموعي پيداوار جي صلاحيت سان گڏ گرڊ سان جڙيل شمسي نظامن جي تنصيب جي مڪمل حوصله افزائي ڪئي آهي.ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ گھارو-جھمپر ونڊ ڪوريڊور اڳ ئي قومي گرڊ لاءِ تقريباً 2,000 ميگا واٽ صاف بجلي پيدا ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت گھارو-جھمپر راھڌاري ۾ نئين ھوا مان بجلي پيدا ڪرڻ وارن پلانٽس جي تنصيب لاءِ مڪمل حوصله افزائي ۽ مدد فراهم ڪئي آهي.
هن چيو ته اليڪٽرڪ بسون جي خريداري، بایو گيس پلانٽس، فضلاءَ مان توانائي جا نظام، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اي وي چارجنگ اسٽيشنز جي تنصيب، ۽ شمسي توانائي سان هلندڙ چولهن ۽ گيزر فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جا ٻيا اهم قدم آهن ته جيئن قابل تجديد توانائي جي ذريعن کي ھٿي وٺرائي سگھجي ۽ تيل ۽ گيس تي انحصار گھٽايو وڃي.
هن وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي ته سنڌ ۾ ھلندڙ سڀني قابل تجديد توانائي منصوبن کي مڪمل مدد ۽ معاونت فراهم ڪري، ته جيئن ملڪ کي موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ خطرن کان بچائي سگهجي.