
۔
اسان سپر فلڊ جي مڪمل تياري ڪري ورتي آھي: وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه
سکر، 31 آگسٽ 2025ع: وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اڄ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن، ناصر حسين شاهه ۽ ڄام خان شورو سان گڏ سکر بئراج جو دورو ڪيو. وزيراعلیٰ سنڌ دوري دوران ٻوڏ جي صورتحال ۽ انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سکر بئراج تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سپر فلڊ جي مڪمل تياري ڪري ورتي آھي سڀ کان پھرين انساني جانن ۽ مال مويشيءَ کي بچائڻ اسان جي ترجيح آھي، جنهن کان پوءِ ٽنهي بئراجن کي بچائڻ لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آھي. هن چيو ته ڏسڻو آھي ته سنڌ ۾ ڪيترو پاڻي داخل ٿيندو. پنجاب جي دريائن جي لڳاتار مانيٽرنگ ٿي رهي آھي. ٽريمون بئراج تي ايندڙ ريلو سڀ کان پھرين سنڌ پھچندو. ٽريمون کان پنجند تائين پاڻي پھچڻ ۾ 5 ڏينهن لڳندا، امڪان آھي ته اڄ رات ٽريمون انتهائي اوچي سطح تائين پھچي ويندو. ٽريمون جي انگن اکرن مان واضح ٿيندو ته سنڌ ۾ ڪيترو پاڻي داخل ٿيندو. وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏھن 5 کان 7 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو ته ڪيترا ڳوٺ خالي ڪرايا ويندا، ۽ جيڪڏھن 7 کان 9 لک يا ان کان وڌيڪ پاڻي آيو ته متاثر ڳوٺن جي فهرست تيار آھي. هن چيو ته جيڪڏھن پاڻي 9 لک ڪيوسڪ کان مٿي ويو ته 2 لک کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿي سگھن ٿا. وزيراعلیٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته پاڪ نيوي جون هنگامي امدادي ٽيمون ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن تي پھچي ويون آھن. نجي ٻيڙيون به ڪرائي تي وٺڻ لاءِ چيو ويو آھي. اسان جي پھرين ترجيح انساني جانن جو تحفظ آھي. 948 رليف ڪيمپ قائم ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آھي. موبائل هيلٿ يونٽس فعال آھن ۽ ميڊيڪل ڪيمپن تي نانگ جي ڏنگ کان بچاءَ واري ويڪسين سميت سڀئي دوائون موجود آھن. ڪيمپن ۾ قيام دوران متاثرن کي تيار ٿيل کاڌو به فراهم ڪيو ويندو. وزيراعلیٰ سنڌ چيو ته اسان جي هر ممڪن ڪوشش آھي ته جاني نقصان کان وڌ کان وڌ بچي سگهجي. عوام جي تحفظ ۽ رليف جي فراهمي لاءِ حڪومت سنڌ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪري رهي آھي. ان کان اڳ، گڊو ۽ سکر بئراج تي ٻوڏ جي صورتحال ۽ تيارين بابت صوبائي وزير بحالي مخدوم محبوب زمان ۽ ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه وزيراعلیٰ سنڌ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سپر فلڊ جي صورت ۾ 15 ضلعن، 167 يو سيز ۽ 1651 ڳوٺ متاثر ٿي سگھن ٿا. متاثر ضلعن جي مجموعي آبادي 16,38,886 ماڻھن تي مشتمل آھي، جيڪي 2,73,148 خاندان ٿين ٿا. انهن ضلعن ۾ 948 رليف ڪيمپ قائم ڪيا ويا آھن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گڊو کان سکر بئراج تي پاڻيءَ جو وهڪرو 9 لک ڪيوسڪ کان وڌي سگھي ٿو ۽ گڊو کان سکر بئراج تائين جي مجموعي آبادي 4,59,509 ماڻھن تي مشتمل آھي، جن ۾ 76,519 خاندان شامل آھن. گھوٽڪي ۾ 1,01,343 ماڻھن، 170 ڳوٺن ۽ 16,891 خاندانن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي. ساڳئي طرح سکر ۾ 1,94,569 ماڻھن، 371 ڳوٺن ۽ 32,428 خاندانن جي متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي. ڪشمور ۾ 2,24,900 ماڻھن، 200 ڳوٺن ۽ 37,483 خاندانن جي متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي. شڪارپور ۾ 2,64,542 ماڻھن، 245 ڳوٺن ۽ 44,090 خاندانن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي. لاڙڪاڻو ڊويزن جا 2 ضلع، 5 تعلقا، 13 يو سيز ۽ 245 ڳوٺ متاثر ٿي سگھن ٿا، جن جي آبادي 2,64,542 ۽ خاندان 44,090 آھن. لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ 74 رليف ڪيمپ قائم ڪيا ويا آھن. ان کان علاوه ٻڌايو ويو ته سکر ڊويزن جا 2 ضلع، 5 تعلقا، 17 يو سيز ۽ 371 ڳوٺ متاثر ٿي سگھن ٿا، جن جي آبادي 1,94,569 ۽ خاندان 32,429 آھن. سکر ڊويزن ۾ 62 رليف ڪيمپ قائم ڪيا ويا آھن.