فروری 12, 2025


حيدرآباد سينيئر صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ اڄ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪري حيدرآباد حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ (ايڇ يو جي) جي نئين چونڊيل باڊي جنهن ۾ صدر سينيئر صحافي حامد شيخ، جنرل سيڪريٽري علي حمزه زيدي ، سينيئر نائب صدر سينيئر صحافي فيض کوسو ،نائب صدر سينيئر صحافي الطاف ڪوٽي، سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري فيروز ٻٻر، جوائنٽ سيڪريٽري مظفر رند، خازن دانش نفيس ۽ 18 مجلس عامه جي ميمبرن کان حلف کڻايو ۽ کين مبارڪباد ڏني _

تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير مسرت جو اظهار ڪندي چيو ته حيدرآباد جا صحافي مونکي وزير نه بلڪه پنهنجو عزيز سمجهن ٿا،پيپلزپارٽي هميشه صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪندي رهي آهي_ هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ صحافت جي آزادي کي فروغ ڏنو جڏهن ته صحافت جي آزادي، پيپلزپارٽي جي ليڊر شپ جو ويزن رهيو آهي،

آمريت جي دور ۾پڻ پي پي صحافت جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکي، ملڪ ۾ آمريت جي دور ۾ صحافين تي ظلم ٿيو ۽ صحافين جون گرفتاريون ٿيون_ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ پيپلزپارٽي جي ڪردار کي خراب ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پي پي ۾ برداشت جو مادو آهي، پيپلزپارٽي جوگذريل حڪومتن جي دور ۾ مِيڊيا ٽرائل پڻ ڪيو ويو پر پي پي جمهوريت پسند پارٽي رهي ۽ برداشت ڪيو _ هن چيو ته سنڌ ۾ عوام لاءِ صحت جي شعبي تي ڪم ٿي رهيو آهي،دل جي بيماري جو ادارو اين آئي سي وي ڊي سٺو ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته صحت پي پي حڪومت جي اولين ترجيحي آهي ۽ صحافي پڻ سنڌ حڪومت جي اسٽيٽ آف آرٽ جي اسپتالن مان پنهنجو علاج مفت ۾ ڪرائي سگهن ٿا _ هن چيوته حيدرآباد ۾ سول اسپتال سميت اين آئي سي وي ڊي جهڙيون اسپتال موجود آهن جيڪي بهتر ڪم ڪري رهيون آهنسول اسپتال کي وڌيڪ اپ گريڊ پڻ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته صحافين جي هيلٿ انشورنس لاءِ هڪ ميڪينزم بڻائينداسين يا ڪو انڊومنٽ فنڊ مختص ڪري ڇڏينداسين ته جيئن صحافي پنهنجي هيلٿ انشورنس ڪرائي سگهن هن چيو ته حيدرآباد ۾ ڪيترن ئي هنڌن تان سرڪاري ٽرانسپورٽ جي زمينن تي حددخليون آهن جيڪي ختم ڪيون وينديون ،ٽرانسپورٽ کاتي حيدرآباد ۾ پڻ اي وي بسون شروع ڪنداسين اسان سڀني کي عملي ڪري پنهنجي ملڪ پاڪستان کي ترقي وٺرائڻي آهي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسانجي ملڪ جو بنيادي ڍانچو زراعت آهي اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي لائيو اسٽاڪ جي آمدني کي 10 لاک ڊالرز تائين وٺي وڃونپنجاب ۾ ڪينال ٺاهڻ تي صحافين جي هڪ سوال تي صوبائي وزير چيو ته پي پي جو ڪينال جي معاملي تي واضح موقف آهي ۽ اسانجي موقف ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي ۽ ڪنهن کي به سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي پيپلزپارٽِي ۽ سنڌ حڪومت پاڻي جي مسئلي تي سنجيده آهي ۽ سي سي آئي جو اجلاس جلد طلب ڪري ان مامري کي حل ڪيو وڃي هن چيو ته وفاقي حڪومت جلد سکر حيدرآباد موٽر وي تي ڪري ته جيئن ٽريفڪ جي آمدرفت بهتر ٿئي ۽ حادثن کان به بچي سگهجي_ هن چيو ته ان روڊ کي هن مهل تائين مڪمل نه ڪري وفاق نه فقط سنڌ بلڪه پاڪستان جي عوام سان زيادتي ڪري رهيو آهي جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي بابت پڇيل سوال تي صوبائي وزير چيو ته اسانجي ڀرپور ڪوشش رهي آهي ته جتي به حددخليون آهن انهن جو خاتمو آڻي پلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يا حڪومت جي فنڊنگ جي ذريعي ٽرانسپورٽ جا منصوبا شروع ڪيون_ صوبائي وزير چيو ته اسانجي جي ڪوشش آهي ته حيدرآباد جي شهرين کي پڻ اي وي بسن جي سروس مهيا ٿئي ۽ اي وي ٽيڪسيون پڻ جلد شروع ڪنداسين هن چيو ته وفاقي حڪومت جا منصوبا سنڌ ۾ سست روي جا شڪار آهن اسين چاهيون ٿا سنڌ جا شيئر مناسب وقت تي اسانکي فراهم ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ سميت پوري پاڪستان جي معيشت کي نقصان کان بچائي سگهجي هن چيو ته وزير اعظم پاڪستان کان گذارش آهي ته سکر حيدرآباد موٽروي کي ترت مڪمل ڪيو وڃي _ صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان کي 14 سال جي سزا ٿي پر ڪنهن به احتجاج نه ڪيو هڪ ليڊر کي گرفتار ڪيو ويندو آهي ته ملڪ ۾ احتجاج شروع ٿي ويندا آهن پر عمران خان کي جڏهن سزا ملي ته ڪو به احتجاج نه ڪيو ويو ان مان ثابت ٿيو ته هي شخص جڏهن ٻاهر هو ته انتشار ڦهلائي رهيو هو_

حلف برداري تقريب ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ، ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار ، ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد ارشاد علي چانڊيو سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا_

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے