دسمبر 2, 2024

هر شهري کي محفوظ ۽ عزت وارو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، وزير ليبر شاھد ٿهيم جو عزم

زبردستي پورهيي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، وزير ليبر

ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ زبردستي پورهيي جي خاتمي لاءِ قومي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو. ڪانفرنس جي صدارت وزير ليبر ۽ ايڇ آر ڊپارٽمينٽ، شاھد عبدالسلام ٿهيم ڪئي، جن پنهنجي خطاب ۾ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته "اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن هر شهري کي محفوظ ۽ عزت وارو ماحول فراهم ڪري سگهجي.” وزير ليبر ۽ ايڇ آر يقين ڏياريو ته زبردستي محنت جي خاتمي لاءِ اثرائتي پاليسيون ۽ قدم کنيا ويندا، ۽ قانوني سڌارن ۽ نگراني جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.

ڪانفرنس ۾ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي ايڊوائزر، اولوريمي ڊوهرتي زبردستي پورهيي جي خاتمي لاءِ جاري قدمن ۽ مختلف منصوبن تي روشني وڌي. هن ان ڪانفرنس کي ايمپلائرز فيڊريشن آف پاڪستان ۽ برِج پروجيڪٽ جي گڏيل ڪوششن جو ثبوت قرار ڏنو.

ايمپلائرز فيڊريشن آف پاڪستان جي صدر طاهر جاويد ۽ ٻين ماهرن به زبردستي محنت جي خاتمي لاءِ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ هڪ جامع حڪمت عملي ٺاهڻ تي زور ڏنو. وزير ليبر شاھد عبدالسلام ٿاهيم چيو ته سنڌ حڪومت هن مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ سڀني ضلعي ڊپٽي ڪمشنرز کي هن سلسلي ۾ اهم ڪردار سونپيو ويو آهي. هن معاشي بحران ۽ اقتصادي موقعن جي کوٽ کي زبردستي محنت ۾ واڌ جو سبب قرار ڏيندي چيو ته هن مسئلي جي خاتمي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

ڪانفرنس جي پڄاڻي تي سڀني مقررن کي شيلڊز ڏنيون ويون ۽ وزير ليبر يقين ڏياريو ته حڪومت آءِ ايل او سان گڏجي مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ ڪاروباري استحڪام کي يقيني بڻائيندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے