ڪراچي
سنڌ ۾ ٻارن جي پارليامينٽ ٺاهڻ جو ٿر ايڊيوڪيشن الائنس جو پهريون قدم، ٻارن جي پارليامينٽ لاءِ ڪراچي جي هڪ نجي هال ۾ سنڌ جي 30 ضلعن مان چونڊيل 64 ٻارن جي اليڪشن ۾ ٽنڊو الهيار جي سيده ردا ڪاظمي 40 ووٽ کڻي وزيراعليٰ چونڊجي وئي.
ٻارن جا پنج وزير به چونڊيا ويا. حلف برداري ۽ اليڪشن جي تقريب ۾ يونيسيف جا نمائندا، سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جو چيئرمين، ريفارم سپورٽ يونٽ سنڌ جو چيف پروگرام مئنيجر ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.سنڌ ۾ ٻارن جي پارليامينٽ ٺاهڻ لاءِ ٿر ايڊيوڪيشن الائنس يونيسيف ۽ ريفارم سپورٽ يونٽ سنڌ جي سهڪار سان پهريون ڀيرو چائلڊ پارليامينٽ جو قيام عمل ۾ آندو، جنهن جي چونڊ ۽ حلف برداري جي تقريب ڪراچي جي نجي هال ۾ ٿي.
سنڌ جي 30 ضلعن مان چونڊيل 64 ٻارن اليڪشن ۾ حصو ورتو، جيڪو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي نگراني ۾ ٿيو. ٻارن جي ٻن پارٽين "علم پاسيبل” ۽ "اعلان تعليم” جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ علم پاسيبل جي اميدوار ٽنڊو الهيار سان تعلق رکندڙ سيده ردا ڪاظمي 40 ووٽ وٺي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ٿرپارڪر جي اشوڪ ڪمار ڀيل 24 ووٽ حاصل ڪيا.اسپيڪر لاءِ مسڪان ملاح چونڊجي وئي، جڏهن ته پنج وزير به ووٽن ذريعي ڪامياب ٿيا.جنهن ۾ تعليم زينب سمون
وزير معياري تعليم سراج احمد
وزير ڪميونٽي اينگيجمينٽ: ظهير احمد
وزير ڊيٽا ڊرائيو عليزا چونڊيا ويا.چونڊن کانپوءِ اسپيڪر مسڪان ملاح وزيراعليٰ ۽ ٻين ميمبرن کان حلف ورتو. تقريب ۾ يونيسيف جي ايڊيوڪيشن اسپيشلسٽ عليني، ريفارم سپورٽ يونٽ سنڌ جي سي پي ايم ڊاڪٽر جنيد حميد سمون، سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو، ٿر ايڊيوڪيشن الائنس جي سي اي او پرتاب شيواڻي ۽ ٻين اهم عملدارن شرڪت ڪئي.ٻارن جي حلف برادري تقريب ۾ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو خطاب ڪندي چيو ته ٻارن کي موقعو فراهم ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي حقن جي تحفظ بابت ڄاڻ حاصل ڪن ۽ تعليمي مسئلن تي ڳالهائين. هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندن جي ذميواري آهي ته هو ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪن.ريفارم سپورٽ يونٽ سنڌ جي ڊاڪٽر جنيد حميد سمون ٻارن جي پارليامينٽ جي اهميت کي ساراهيندي ٿر ايڊيوڪيشن الائنس جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.ٿر ايڊيوڪيشن الائنس جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر پرتاب شيواڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ٻارن جي پارليامينٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو مقصد اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي واپس اسڪول آڻڻ ۽ تعليمي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ٻارن جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي 3 ڏينهن جي تربيت پڻ فراهم ڪئي وئي، جنهن ۾ انهن کي ذميوارين ۽ سرگرمين بابت آگاهي ڏني وئي. چونڊيل ٻار تعليمي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي واپس اسڪول ۾ آڻڻ لاءِ مهم هلائيندا.ان موقعي تي چونڊيل وزيراعليٰ ۽ وزيرن تعليم جي بهتري ۽ پارليامينٽ جي قدمن بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا. تقريب ۾ ٿر ايڊيوڪيشن الائنس جي قرت مدثر، ڀرت ڪمار، پريانڪا، سنجي ڪمار، سندر ڪمار، ونود ڪمار ۽ يا پڻ موجود هئا.سنڌ جي سمورن ضلعن جي 64 ٻارن کي ٽي ڏينهن جي تربيت به ڏني ويئي جنهن ۾ تعليمي ۽ ٻارن جي حقن جي ماهرن تربيت پڻ ڏني.ٻارن جي پارليامينٽ ضلع سطح تي به اسڪولن سان لاڳاپيل مسئلن بابت پنهنجي مهم هلائيندا.