ٿر جي ريگستان ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٿيندڙ فوتگيون، پاڻي جي کوٽ ۽ کوهن کوٽڻ لاءِ ناکافي سهولتون فوري ڌيان جي طلبگار آهن. اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته امداد ۽ بحالي انهن ماڻهن تائين پهچي، جن کي ان جي تمام گهڻي ضرورت آهي: راجوير سنگھ سوڍا
انسانن حقن جي عالمي ڏهاڙي تي سيمينار: ماحولياتي تبديلي، انساني حقن ۽ سنڌ حڪومت جي قانون سازي تي زور
ڪراچي، 10 ڊسمبر 2024 – انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي
جي موقعي تي هڪ اعليٰ سطح جو سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ انساني حقن جي محافظن، ماحولياتي ڪارڪنن، قانون سازن، قانوني ماهرن، سرڪاري عملدارن ۽ اسڪالرز شرڪت ڪئي. هي سيمينار سينٽر فار لا، جسٽس اينڊ پاليسي، سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن (SHRC)، گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (UNDP)، ۽ ڊيننگ لا اسڪول جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ماحولياتي تبديلي، انساني حقن ۽ سنڌ ۾ قانون سازي جي حوالي سان اهم موضوعن تي بحث ڪيو ويو، خاص طور تي 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ جي صورتحال تي.
وڏي وزير جي انساني حقن واري کاتي جي خاص مددگار راجوير سنگھ سوڍا ماحولياتي چئلينجن جي وچ ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت جي سرگرم ڪردار کي اجاگر ڪيو. سيمينار کي خاص مهمان جي طور تي خطاب ڪندي هن چيو:
"2022 جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ اسان جي ڪميونٽين، خاص طور تي پٺتي پيل طبقي، جي شديد ڪمزورين کي ظاهر ڪيو. سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ته ڪو به پوئتي نه رهي. اسان جون قانون سازي جون ڪوششون وراثتي حقن کي مضبوط ڪرڻ، بي دخلي جا مسئلا حل ڪرڻ، ۽ ٻوڏ سان متاثر ٿيل ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ بنيادي ڍانچو بهتر ڪرڻ تي مرڪوز آهن.”
راجوير سنگهه سوڍا شهري علائقن جي رهواسين تي زور ڏنو ته هو متاثر ٿيل ڪميونٽين سان عملي طور ڳنڍجن. هن چيو: "مان سنڌ جي شهري علائقن جي رهواسين کي اپيل ٿو ڪريان ته هو ٻوڏ سان متاثر ٿيل علائقن جو دورو ڪن ۽ انهن ڪميونٽين جي مشڪلاتن ۽ جدوجهد کي پنهنجي اکين سان ڏسن. انهن جون ڪهاڻيون اتحاد ۽ فوري عمل جي اهميت جي ياد ڏيارين ٿيون.”
هن ٿر جي علائقن ۾ درپيش منفرد مسئلن جي حل لاءِ تحقيق ۽ ڪارروائي جي اهميت تي به زور ڏنو. "ٿر جي ريگستان ۾ وڄ ڪيرڻ سبب ٿيندڙ موت، پاڻي جي کوٽ، ۽ کوهن کوٽڻ لاءِ ناکافي سهولتون فوري ڌيان جي طلبگار آهن. اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته امداد ۽ بحالي انهن ماڻهن تائين پهچي، جن کي ان جي تمام گهڻي ضرورت آهي،” هن چيو.
مسٽر خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍا سنڌ هيومن رائٽس پاليسي (2023-2026) کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو: "هي پاليسي ماحولياتي تبديلي، صنفي بنيادن تي تشدد، ۽ مزدورن جي حقن جهڙن اهم پهلوئن کي شامل ڪري ٿي، جيڪا انساني حقن جي تحفظ لاءِ هڪ جامع انداز مهيا ڪري ٿي.” هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان انساني حقن جي 9 بنيادي عالمي معاهدن مان 7 جو حصو آهي، ۽ سنڌ حڪومت انهن جي لاڳو ٿيڻ لاءِ پرعزم آهي.
چئيرپرسن SHRC، اقبال ڏيٿو عالمي انساني حقن جي منشور (UDHR) کي "انساني حقن جو بائبل” قرار ڏنو ۽ جديد چئلينجن جي حوالي سان ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ڊيننگ لا اسڪول ۽ UNDP سان SHRC جي سهڪار بابت ڳالهائيندي وڏن يونيورسٽين ۾ انٽرن شپ جا موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو.
سيمينار ۾ ماحولياتي تبديلي جي انساني حقن تي اثرن بابت هڪ پينل ڊسڪشن پڻ شامل هئي، جنهن ۾ ماهرن جهڙوڪ آفيا سلام، زوفين ابراهيم، زينيا شوڪت ۽ ٻين ٻهراڙيء وارن علائقن جي ڪمزوري، مزدورن جي حقن، ۽ ماحولياتي نقصان بابت روشني وڌي.
زوفين ابراهيم 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ جي اثرن تي روشني وڌي، جنهن 6.5 ملين ماڻهن کي بي گهر ڪيو، جڏهن ته زينيا شوڪت ماحولياتي اثر گهٽائڻ لاءِ قابل تجديد توانائي جي ضرورت تي زور ڏنو. عمداد صديقي ٻڌايو ته ٻوڏ صوبن جي 30 مان 24 ضلعن کي سخت متاثر ڪيو ۽ 1,500 فوتگيون ٿيون.
سيمينار جو اختتام انساني حقن جي تحفظ ۽ ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ويو..