اکتوبر 13, 2025

ڪليڪٽوريٽ بلڊنگ لاڙڪاڻو جو نوحو
آصف رضا موريو
مرده پرست، سست ۽ ڪند ذهن قومن ۾ رهي ڪري پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب سان پيارڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي جو هتي روز جي بنياد تي پهريون روئڻو پوندو آهي. مان جڏهن به لاڙڪاڻو جي خوبصورت ترين عمارت ڪليڪٽري بلڊنگ کي اندران ٻاهران گندڪچري ۾ اڏيل، ويڙهيل ۽ وڪوڙيل ڏسي دل جگر ۾ هول اٿندا آهن ۽ ارمان ٿيندو آهي ته ڏسو بظاهر (سنگت جي بقول)انگريز دشمنن يا آقائن، يا پنهنجي وقت جي ولن ڪردارن جن کي هتي رهڻو به ڪونه هيو اسان تي ڪهڙا ۽ ڪيڏا نه احسان ڪيا پر اسان جي جيڪي هاڻي پاڻ کي آزاد، خودمختيار ۽ ڀرپور ڀانئيون ٿا ۽ جن کي جن جي ايندڙ تمام نسلن کي هتي رهڻو آهي اهي پنهنجي انهن ورثن جي سنڀال جي لائق به ڪونه آهيون.
ڪروڙين روپين جي بجٽ جي باوجود اسان جي ڪميشن آفيسرن وٽ هاٿين جيڏي طاقت ۽ شينهن جي کل جي باوجود ڪيول ڪيڙي جيترو به حوصلوڪونه آهي. اڳي هڪ ڀنڀور سڙيو هيوپر هاڻي هزارين ڪلوراسان جي گهٽي گهٽي ساڙي رهيا آهن ۽ اسان سمورا ڪامورا، سياستدان، مذهبي ڌريون، جج، وڪيل، سماجي اڳواڻ، مون جهڙا لکاري وغيره اجتماعي طور تي خاموشي جا مجرم بڻجي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڏوهارين جي تاريخ جوڙي رهيا آهيون.
انگريزن جي فتح وقت لاڙڪاڻو شھر شڪار پور ڊويزن جي ڪليڪٽوريٽ جو هيڊ ڪوارٽرهيو. 1901ع تائين جڏهن لاڙڪاڻو نئين ضلع جو هيڊ ڪوارٽر بڻيو ته واپار ۽ آباديءَ ۾ ڪجھ جھڪو رهيو. انھيءَ سال هتان جي آبادي 14,543هئي“.برطانوي راڄ دوران 1900ع ۾ آرجائيلس رابرٽ سنڌ جو ڪمشنر بڻيو، سندس عملداريءَ دوران آگسٽ 1901ع ۾ شڪارپور ۽ ڪراچي کان لاڙڪاڻو کي الڳ ڪري سنڌ جو چوٿون ضلعو بڻايوويو. شڪارپور کان رتوديرو، قمبر، لاڙڪاڻو، لب دريا، نصير آباد، ميهڙ ۽ ڪَڪَڙَ وارا تعلقاجدا ڪري لاڙڪاڻو ضلعي کي ڏنا ويا، جڏهن ته دادو، جوهي ۽ سيوهڻ تعلقه پڻ ڪراچي ڪليڪٽري کان ڌار ڪري لاڙڪاڻو کي ڏنا ويا. 1932ع ۾ دادو کي الڳ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي پر اهو نئون ضلعو 1952ع تائين لاڙڪاڻو جي ضلعي عدالت جو تيسيتائين حصو رهيو جيسيتائين 1952ع ۾دادو ضلع کي ضلعي ۽ سيشن ڪورٽون مليون.
ان دور۾ شڪارپور۽ ٻين ضلعن جو گڏيل ڪليڪٽر رٽائرڪرنل ميهو ٺاهوڪوڪاموروهوندو هيو جيڪو هارين، غريبن، اٻوجهن ۽ لاچارن جو يار ۽ چواچڪن، پاٿاريدارن، قبضيدارن ۽ بدمعاشن لاءِ پُڙي هوندو هيو. ڪرنل ميهو چمڙا پوش ٿي شهر۾ گهمندو رهندو هيو ۽ مجال آهي ڪنهن لچ لوفر جي جو ڪنهن به قسم جي ماڻهن سان هٿ چراند يا ڪو فساد ڪن. هن جي اهڙي قدمن سبب شهر ۾امن امان، انصاف، رواداري ۽ ترقي جي حقيقي شروعات ڪئي.
تاج برطانيه جي راڄ دوران 1890ع ۾ لاڙڪاڻي کي ريلوي ٽريڪ ذريعي هڪ طرف ڪراچي، ڪوٽڙي، سکر ۽ روهڙيءَ سان ملايو ويو جڏهن ته ٻئي طرف کان هن شهر کي شڪارپور ۽ جيڪب آباد سان ملايو ويو، هن نئين مواصلاتي نظام نه صرف شهر جي سماجي بيهڪ کي شهري بڻايو پر علائقي جي معيشت ۽ صنعت کي پڻ وڏي هَٿي ملي ۽ متحده هندستان جي مختلف وڏي شهرن سان هن شهر جو رابطو پڻ جڙيو. لاڙڪاڻو ضلع جو پهريون ڊپٽي ڪليڪٽر ڊبليو ايڇ لوڪس بڻيو جيڪو 1902ع کان 1903ع تائين صرف هڪ سال رهيو.هو تمام ڏاهو ماڻهو هيو جو انگريز پنهنجي اهڙن آفيسرن کي ئي انتظامي ذميداريون ڏيندا هئا جيڪي پنهنجو پاڻ ملهائن اسان جي اڄ جي ڪميشن آفيسرن جيان نه جيڪي سياستدانن جا گماشتا، منشي۽ پيداگير هجن جيڪي شهرن جي سونهن جو رهيل سهيل نور به نچوڙي ڇڏين.
1902ع ۾ مسٽر ليوڪس کان 1947ع ۾ ايڇ اي سي ايڪٽن تائين لاڙڪاڻو ضلع جا 41 ڪليڪٽر ٿيا هيا جن مان چار مسلمان حامد علي، آر اي محمدي، محمد بخش شيخ، ايس ايڇ رضا، چار هندو اي ڊي گوڙوالا، اي ايم پٽيل، بي ڪي پٽيل، آر بي ڌرمداس هيا جڏهن ته ٻيا سمورا برٽش شهري هيا. 1947ع ۾ طفيل محمد راجپوت لاڙڪاڻوجو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو. 1947ع کان اڄوڪي ڏينهن 10 سيپٽمبر 2024ع تائين واري 76 سالن ۾ موجوده ڊپٽي ڪمشنر شرجيل نور چنو سميت 69 ڊپٽي ڪمشنر ٿيا آهن پر جيئن ته انهن ۾ ڪوبه انگريز يا انگريزن جهڙو ايماندار، برجستو ۽ منصف ڪامورو ڪونه هيو ان لاءِ ان سموري دور ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪونه جڙي سگهي آهي جنهن کي اسان ترقي جي ضمري ۾ آڻي سگهون. لاڙڪاڻو جي ضلعي انتظامي پس منظر ۾ هڪ انتهائي حيرت انگيز پر ڏکائيندڙ حقيقت منهنجي تجربي ۾ آئي آهي ته شهر ۾ جڏهن به شهرجا مقامي رهائشي ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيا ته انهن هتي بدعنوانين جوبازار وڌيڪ سرگرم رکيو.
آر جائيلس 1900ع کان 1902ع تائين صرف ٻه سال سنڌ جو ڪمشنر جي عهدي تي رهيو ۽ 1900ع واري انهن ايندڙ ڏهن پندرنهن سالن ۾لاڙڪاڻو ۾ تمام وڏيون تاريخي عمارتن جهڙوڪ جائيلس بازار، جائيلس لائيبرري، ڊي سي هائوس، ڪليڪٽري بلڊنگ، موجوده گورنمنٽ گرلس ڪاليج وغيره جون عمارتون ٺهڻ جي شروعات ٿي.
ڪيترن ئي ايڪڙن جي پکيڙ تي مشتمل موجوده ڊي سي هائوس جي تعمير 1902ع ڌاري ٿي. هن عمارت کي چئني پاسن کان غير معمولي ڪشادا رخ مليل آهن جيڪي هڪ ڊگهي غلام گردش سان جڙيل آهن. برطانوي دؤر ۾ ڪيترن ڏهاڪن تائين سفيد مهاڙي واري هي عمارت ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي آفيس رهي جيڪا بعد ۾ڊويزن جي ڊي سي او آفيس طور ڪتب آندي ويندي هئي پر هاڻي ان ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي رهائشگاهه آهي. اسٽيشن روڊ تي واقع موجوده گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج جي شاهي اڏاوت به ان دور ۾ ٿي. ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ تعليمي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ جسٽس سيد امير علي ڪلڪتي ۾ جيڪا نيشنل محمدن ايسوسيئيشن جوڙي هئي. ان سلسلي جي پيروي ڪندي 1885ع ۾ حسن علي آفندي ڪراچيءَ ۾ محمدن ايسوسيئيشن جو بڻياد وجهي انڊيا جي هر وڏي شهر جنهن ۾ هن اداري جون شاخون قائم ڪيون ويون. لاڙڪاڻو ۾ هن مقصد جي آبياري لاءِ جون 1900ع ۾هن پرڪشش عمارت جي تعمير جو اعلان ڪري کيس مدرسة الاسلام جو نالو ڏنو ويو.
هن شهر جي ترقي هندن کان پوءِ انگريزن جي هٿان ٿي جڏهن ته آزادي کان پوءِ اسان جا سياستدان ۽ عوام رڳو لٽ مار جي پٺيان پئجي ويا ۽ شهر سنوارڻ بجاءِ ان سان غيرن جون ٿيل ڀلايون به سنڀالي ڪونه سگهيا. لاڙڪاڻو سان اسان توهان سڀني جا سوٽيلا وهنوار اڃان تائين جاري و ساري آهن. انگريزي سرڪار جي حڪمت عملي اها هوندي هئي ته هو هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن سالن لاءِ ڪليڪٽر رکندا هيا.
ڊبليوايڇ ليوڪس کان پوءِ ايل جي مائونٽ فورڊ لاڙڪاڻو جو ڪليڪٽر ٿيو جيڪو 1903ع کان 1905ع تائين عهدي تي رهيو سو تمام گهڻي ذوق ۽ شوق وارو ڪامورو هيو سو پهريون شڪارپور ضلعي جو ڪليڪٽر هيو. تنهن لاڙڪاڻو شهر جي وڏي رستن ۽ گهاڙ واهه جي ڪنارن تي وڻن جون قطارون هڻايون ۽ ڪيترن ئي آفيسن لاءِ نيون عمارتون جوڙايون.
ڪليڪٽر ڪچهري واري هن ٻه ماڙ عمارت جو بنياد 17 اپريل 1901ع ۾پيو. Quasi Oriental Style ۾ ٺهيل هيءَ شاندار ۽ وشال عمارت 1،28،845 رپين جي لاڳت سان جڙي راس ٿي هئي جنهن جي ٻنهي پاسن ۾ وڏا وڏا قبا جڙيل آهن. ان دور ۾ ڪليڪٽر آفيس جو پورو محڪمو، ماليات ۽ ضلع انتظاميه جون ڪجهه ٻيون آفيسون هونديون هيون. ڪليڪٽر جي آفيس مٿئين حصي ۾ هوندي هئي. هيٺئين حصي جي وڏي هال ۾ ڪليڪٽر جي ڪچهري لڳندي هئي جنهن عام وخاص رعيت جامسئلا ٻڌا ويندا هيا. ان کي درٻار هال پڻ چيو ويندو هيوجڏهن ته ڊپٽي ڪليڪٽر جي رهائش گاهه ان دور۾ گهاڙ واهه ڪناري واقع هڪ سهڻي باغ جي اندر هوندي هئي جيڪا 1849ع ۾ جڙي هئي.
هن عمارت جي هڪ حصي کي سيشن ڪورٽ ۽ سيشن جج جي رهائش گاهه طور استعمال ڪيو ويندو هيو. 13-1912ع ۾ سيشنز جج پڻ مقرر ڪيا ويا ۽ لاڙڪاڻو جو پهريون سيشنز جج اي ڊي بارلي (A.D Barley) هيوجيڪو1 اپريل 1913ع کان 16 مئي 1916ع تائين رهيو جنهن کان پوءِ ٽي ايڇ واٽر فيلڊ سيشن جج مقرر ٿيو. سيشن ڪورٽ جي موجوده عمارت جي ٺهڻ جي شروعات سيشن جج مولا بخش لغاري جي دور۾ٿي 1958ع ۾ سيشن جج قادرنواز اعواڻ جي دور ۾ جڙي راس ٿي جنهن جو افتتاح هاءِ ڪورٽ مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس رحيم بخش پي منشي ساڳي سال 4 جون تي ڪرڻ ڪيو هيو تنهن کان پوءِ ڪورٽن جو نظام ڪليڪٽري بلڊنگ مان اوڏانهن منتقل ڪيو ويو.
ان دور ۾ هي شهر جو مرڪزي حصو هوندو هيو. موجوده ڪليڪٽري بلڊنگ جي سامهون اتر ۾ جتي هن وقت سول اسپتال جي عمارت موجود آهي اتي اڳ هڪ وڏو ميدان هوندو هيو جتي سوين وڏا وڏا وڻ بيٺل هوندا هئا. ان ميدن کي ان دور ۾ منزل گاهه سڏيو ويندو هيو. ان ميدان ۾ انگريزن جي دور ۾ فوجي ڇانوڻيون پڻ قائم ڪيون وينديون هيون جتي انگريزي ڪامورن ۽ گورنرن جو استقبال ڪيو ويندو هيو. اهڙي قسم جي انتظامن لاءِ اتي وڏا وڏا تنبو لڳايا ويندا هئا ۽ روشني لاءِ گولا ۽ شمعدان پڻ ٻاريا ويندا هئا. ڪتب ٻڌائن ٿا ته انهن استقبالن دوران هتي آتش بازي به ڪئي ويندي هئي ۽ راڳ رنگ جون محفلون پڻ لڳنديون رهنديون هيون.
ڪليڪٽري عمارت مشرقي طرز تعمير تي جوڙايل آهي، سندس ٻئي قبا پهرين نظر ۾ ڪنهن شاندار مسجد جو ڏيک ڏيندا آهن. اهو خيال ذهن مان ان وقت خارج ٿئي ٿو جڏهن ڏسندڙ هن عمارت جو وچون حصو ڏسي ٿو جنهن کي ٻه طبقا آهن. ڪليڪٽر جي سموري انتظاميه جون آفيسون ۽ خزانوجي نظام گرائونڊ فلور تي قائم هوندو هيو جڏهن ته رڪارڊ روم مٿي هوندو هيو. اُتر طرف بلڊنگ کي هڪ وڏو درٻار هال آهي جنهن کي بعد ۾ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ طور استعمال ڪيو ويو.
اڳتي هلي هي عمارت ايمپيريئل بينڪ آف انڊيا کي ڏني وئي.”لارڊ جان مينارڊ ڪينس“ جي ڪوششن ۽ ان جي لکيل ڪتاب “Indian Currency and Finance” مان متاثر ٿيندي سان ڪالونيئل انڊيا جي اختيارين بينڪ آف ڪلڪته، بينڪ آف بمبئي ۽ بينڪ آف مدراس نالي ٽن صدارتي بينڪن کي گڏائي امپيريئل بينڪ آف انڊيا جو نالوڏنو. ان مرجر جو بل انڊيئن ليجسليٽوڪائونسل 1 مارچ 1920ع ۾ پيش ڪيو جيڪو سيپٽمبر 1920ع ۾ پاس ڪيو ويو. اهڙي ريت 27جنوري1921ع کان هن بينڪ برٽش راڄ واري هندستان پنهنجو فنڪشن شروع ڪيو. 1935ع ۾ان جونالومٽائي ريسرو بينڪ آف انڊيا ڏنو ويو جڏهن ته ورهاڱي کان پوءِ امپيريئل بينڪ آف انڊيا 1955ع ۾ قومي ڌاري ۾ آڻي ان جو نالو اسٽيٽ بينڪ آف انڊيا رکيو ويو.
امپيريئل بينڪ آف انڊيا هندستان جي تمام آڳاٽي ۽ وڏي ڪمشيل بينڪ رهي آهي جنهن کي برٽش راڄ ڌاري رايل چارٽر تحت هندستان جي مرڪزي بينڪ جي حيثيت رکندي هئي جنهن جواسي فيصد حصوخانگي سيڙپڪارن جو هيو جڏهن ته باقي ويهه فيصد ڀاڳو رياست جو هوندو هيو. هن بينڪ جو پهريون گورنر راجا سر انامالائي ڇتيار بڻيو.
ڪليڪٽري بلڊنگ جي سامهون واري سيشن ڪورٽ جي عمارت 1958ع ۾ جڙي راس ٿي هئي جنهن جو افتتاح هاءِ ڪورٽ ويسٽ پاڪستان جي جج جسٽس رحيم بخش منشي ان سال 4 جون تي ڪيوهيو. سيشن ڪورٽ جي عمارت جي تعمير کان اڳ ڪليڪٽري بلڊنگ ۽ سيشن جج جو بنگلو ڪورٽ طور استعمال ڪيو ويندو هيو. 13-1912ع ۾ سيشنز جج پڻ مقرر ڪيا ويا ۽ لاڙڪاڻي جو پهريون سيشنز جج اي ڊي بيرلي (A.D Barley) هيو.
ورهاڱي کان پوءِ ستت ئي جولاءِ 1952ع ۾ ان عمارت ۾ نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي پهرين برانچ قائم ٿي. جڏهن ته هن بينڪ جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج برانچ 1973ع ۾ قائم ٿي. 1963ع ۾ نيشنل بينڪ سسٽي برانچ قائم ٿي ۽ بينڪ اسڪوائر واري برانچ 1974ع ۾ قائم ٿي. ڪافي عرصي کان پوءِ ضلعي سرشتو رائج ٿيڻ کان اڳ هيءَ عمارت ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس طور استعمال ٿيندي هئي.
هن وشال عمارت جي اڳيون حصو ته دفتري معاملات جي ڪري جيئن تيئن ڏسڻ جي لائق رکيا ويا آهن. اندر به سمورا ڪمرا، هال ۽ ڀتيون به روز جي بنياد تي ڀرنديون رهن ٿيون جن کي پٽيون چاڙهي انهن جا زخم، سور ۽ تڪليون لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر اها قابلِ تعريف ڪونه آهن. عمارت جي پٺئين گيلري جنهن ۾ پراڻي دور جي ڪاٺ جي شاندار المارين ۾ پراڻو رڪارڊ پيو آهي پر ان پاسي جي اڏاوت، رکيل المارين، جارين دروازن، درين ۽ ڏاڪڻين جي حالت ڏسڻ جي لائق نه رهي آهي. انهن کي ڏسي ائين لڳو ڄڻ ته پندرنهن ويهن سالن کان اتي صفائي سٿرائي جو بندوبست نه ٿيو آهي.
هن عمارت جي مٿئين حصي ۾ ته انتظامي نالائقي بلڪه مجرمانه غفلت جا اهڙا رڪارڊ قائم ڪيل آهن جيڪي دنيا جي بدترين منتظمن کان به تصور ڪري ڪونه ٿا سگهجن. پٺئين گيلري کان گهمندي، ڏاڪڻين تي چڙهندي ۽ مٿي ڇت تي پهچندي توهان کي هر شي تباه حالي، نراسائي،اٻاڻڪائي، لاوارثي ۽ اهڙي نڀاڳ جو شڪار ملندي جنهن کي ڏسي اهل دل، ڌرتي دوست ۽ بااخلاق ماڻهو کي اهڙي عمارت سنڌ ۽ لاڙڪاڻي ۾ هجڻ تي شرم ايندو.
هن عمارت جي چوڌاري اڍنگي، اڻ وڻندڙ ۽ بغير منصوبه بندي واري اڏاوتن جي هيڪاند، گند ڪچري جا ڍير، اوڀر ۾ اريزي نويسين جون ڌپيريون، بي سريون، ميرانجهيون ۽ مزاج خراب ڪندڙ، ڪرندڙ، جهڳيون، انهن جون ڀڳل سڳل ڪرسيون، ٽيبلون، اسٽول، ڪانن جون ڪرندڙ ڇتون، ٽپڙيون، ڪپڙا وغيره ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻ ته ڪنهن فقير جي اڊڙيل گودڙي ۾ پيوند لڳل هجن.
ڄارا، مٽي، ڇت جي دز ۽ ڀتين جي ڇاڻ، اڍنگيون بجلي جون وائريون ڪا ڪاڏي ته ڪاڏي، ٺڪرڍوٻر، گندڪچري جا پراڻا ڍير، ڌپيري ڪاغذن جا انبار، پراڻي انتظامي بورڊن ۽ پينا فليڪسن جا جنازا، تباهه ٿيل قديم پيتيون، لاڙڪاڻوجي پراڻي رڪارڊ جي صورت ۾ ڪاغذن جا ٻورا ۽ ڳنڍيون جيڪي خاڪ ٿي پيون آهن جوهٿ لاءِ ته ڦڦوندي ٿيو هوا ۾ اڏري وڃن. ڏاڪڻين ته به انهن ڪاغذن جا لاشا، جتان ڪٿان عمارت جا اڊيڙ، جهير ۽ جهريل حصا، ڀتين ۽ ڇتين جا چاپڙ ڪريل جيڪي هاڻي به روز جي بنياد تي ڪرندا رهندا آهن. هوادار درين جا ڀڳل عضوا، شيشا، ڪاٺ واڪيندي ڪميشن آفيسرن جي انڌائپ جا پرڪار وائکا ڪن ٿا.
حيرت انگيز انتظامي جهالت مون اها ڏٺي ته اهڙي قديم، تاريخي پر پوڙهي عمارت جي مٿان هڪ خطرناڪ ٽاور لڳل آهي جنهن کي بيهڻ جو سهارو ڏيڻ لاءِ ان عمارت جي مختلف حصن سان وڏي مظبوط وائرن سان ٻڌو ويو آهي. شرم ٿو اچي وڌيڪ ڇا لکان باقي رهيل سهيل ڳالهيون توهان کي تصويرون ٻڌائينديون.
اهڙي خوبصورت عمارت کي اهڙي ريت تباهه ڪرڻ بجاءِ بهتر ٿيندو ته اتي ڪو ميوزيم ٺهرائي ان جي رهيل سهيل عاقبت جي سڌارڻ جو ڪو بندوبست ڪيو وڃي. منهنجي شهرن، وڪيلن، ميئر ۽ آفيسرن، ساڃاهه وندن، خاص طور تي سيشن جج ۽ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي اپيل آهي ته لاڙڪاڻو جون سموريون تاريخي تهذيبي عمارتون اهڙي ئي لاوارثي جو نوحو بڻيل آهن خدا واسطي، ڌرتي ڌڻي هئڻ ناطي ۽ پنهنجي تاريخ جي بچاو جي واسطي اهڙي عمارتن جي واهرڪيو ته جيئن ڪجهه ته پنهنجي ضمير کي منهن ڏيکارڻ جي لائق بڻجو.
ملائيشيا ۾ جڏهن پهريون ڀيرومهاتير محمد چونڊجي آيو هيو ته هڪ صحافي جي سوال ”ته توهان هن انتظامي ڀڃ ڊاهه، بدعنواني، سياسي لٽ ڦر سان ڪيئن منهن ڏيندئو“ تي مهاتير محمد مسڪرائيندي چيو هيو ته ”منهنجي اچڻ سان يا ته ملائيشيا ٺهندو يا مهاتير محمد ٺهندو“. اسان وٽ ائين ڇو آهي رڳوماڻهو ٺهن ٿا ادارا نه. ڪڏهن ڪو اهڙو ليڊر،اهڙو جج، اهڙو ڊپٽي ڪمشنر، اهڙو ايس پي وغيره ڇونه ٿو اچي جيڪي ائين چوي ته ”يا ته ضلعوٺهندو يا ڊي سي، يا ايس پي، يا جج وغيره وغيره. هتي هر روز جي بنياد تي تاريخي، تهذيبي ۽ تمدني نوعيت جي ڪانه ڪا عمارت ڊاهي وڃي ٿي يا قبضي هيٺ ڪئي وڃي ٿي. ٻيلي ضلعي جي طاقتور افسرن جي ڪا ڪميٽي جوڙي، ڪا سنڊيڪيٽ ٺاهي ۽ ڪو جوڙ جوڙي اهڙي عمارت کي بچائڻ جو ڪيوبندوبست ڪيو. ڌرتي ۽ تاريخ جي عزت ڪيو واپسي ۾ ڌرتي توهان کي عزت ڏيندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے