باڪو- آذربائيجان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻار ۽ نوجوان نه رڳو موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ آهن پر هڪ پائيدار مستقبل جي تعمير ۾ سڀ کان وڏو اتحادي پڻ آهن. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس (COP29) کي خطاب ڪندي چئي. پنهنجي پهرئين سرڪاري دوري دوران وڏي وزير پاڪستان پويلين ۾ يونيسيف پاران منعقد ڪيل هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن هڪ اهم پڌرنامي تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ ٻارن، نوجوانن ۽ موسمياتي عمل تي ڌيان ڏنو ويو. هي قدم ايندڙ نسلن کي ترجيح ڏيندڙ موسمياتي سمارٽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو ثبوت آهي. تقريب کي خطاب ڪندي مراد شاهه چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کان نه رڳو ٻار ۽ نوجوان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن پر پائيدار مستقبل جي تعمير ۾ اسان جا سڀ کان وڏو اتحادي پڻ آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ صوبو ٻارن تي ٻڌل موسمياتي حڪمت عملين ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اعلان موجب واعدن جو خاڪو هن ريت آهي: – آبهوا لاءِ هڪ مضبوط تعليمي نظام جوڙڻ – آبهوا جي حل لاءِ نوجوانن جي اڳواڻي ۾ ايڊوڪيسي ۽ جدت ۾ سيڙپڪاري – ٻارن ۽ خاندانن تي ڌيان ڏيندڙ قدرتي آفتن جي تياري ۽ بحالي جا قدم. وڏي وزير چيو ته سنڌ گذريل سالن ۾ وڏن موسمي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي جن ۾ وڏي ٻوڏ ۽ وڌندڙ گرمي پد شامل آهن. نتيجتاً پاڪستان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي موسمياتي ايجنڊا ۾ گرين انرجي سلوشنز، پائيدار زرعي طريقا ۽ نوجوانن جي صلاحيت کي شامل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته COP29 تقريب کيس سنڌ حڪومت جي ڪاميابين کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو جيئن ڪميونٽي جي بنياد تي موافقت جا منصوبا ۽ بين الاقوامي تنظيمن سان پارٽنرشپ جنهن جو مقصد ماحولياتي تبديلي جي خاتمي ڏانهن قدم وڌائڻ آهي. COP29 ۾ سنڌ جي شرڪت عالمي ماحولياتي مقصدن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ثبوت آهي ۽ انساني ترقي سان گڏ موسمياتي لچڪ کي مضبوط ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت جي عزم کي اجاڳر ڪيو آهي.