دسمبر 1, 2024

سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، ايس آئي ايف سي پاران زمينن ۽ معدني وسيلن تي قبضن، عورتن سان ظلم ۽ انتهاپسندي خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان 17 نومبر 2024ع تي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب ڪراچي تائين ٿيل احتجاجي مارچ ۾ منظور ڪيل قراردادون.

هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ بدترين مارشل لا مڙهيل آهي. بنيادي انساني حقن، آئين، قانون ۽ اخلاقي قدرن، اظهار جي آزادي، عورتن جي عظمت ۽ وقار کي بوٽ هيٺان چٿيو ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ جي قائم ڪيل پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ نواز جي اتحادي حڪومت اسپيشل انويسمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو غير آئيني ملڪ دشمن ادارو جوڙي ملڪ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ عسڪري ادارن ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ڏئي رهي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي ملڪ دشمن منصوبي تحت سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين عسڪري ادارن ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پھرين قسط طور پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي 52 ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين نوٽيفڪيشن ذريعي فوج سان لاڳاپيل ڪمپني گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو پرائيويٽ لميٽيڊ کي ڏني آھي. وڌيڪ زمين ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽي حڪومت پنهنجي وزيرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي آهي. مجموعي طور ملڪ جي لڳ ڀڳ 48 لک ايڪڙ زمين هن منصوبي تحت غير ملڪي سرمائيدار ۽ عسڪري ادارن کي ڏني پئي وڃي. اسين سمجهون ٿا ته سنڌي ماڻھن جي آزادي، خود مختياري تي حملو ڪري سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪڙي پاسي صدارتي هائوس ۾ آصف زرداري جي صدارت ۾ ارسا ايڪٽ ۾ زور زبردستي ترميم ڪري، سنڌو درياءَ جو پاڻي غير ملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ جي ناپاڪ منصوبي تي عمل ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف سنڌو درياهه مان ڇھ نوان ڪينال ڪڍي، سنڌ جو پاڻي بند ڪري، سنڌ جي ڇھ ھزار سالن جي تھذيب کي ميساري ڪروڙين عوام کي بک ۽ اڃ وگهي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.
ملڪ جو باشعور ۽ محب وطن عوام سمجھي ٿو ته پيپلز پارٽي جي سهڪار سان وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ طرفان ھن قسم جا عوام دشمن منصوبا ملڪ جي سالميت کي داءُ تي لڳائڻ، ايڪي ۽ اتحاد کي ناقابل تلافي نقصان رسائڻ ۽ ملڪ کي ٽوڙڻ جي حڪمت عملي آھن. موقعي پرست اقتداري پارٽيون مسلم ليگ نواز، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ان جا اتحادي اقتدار خاطر اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وھندي غير جمھوري فيصلا ڪري قائد اعظم محمد علي جناح جي ملڪ کي تباھي ۽ بربادي طرف وٺي وڃي رھيون آھن. سنڌو درياهه سنڌ جي تھذيب، تمدن  انسانن ۽ جانورن سميت سمورن ساهه وارن جي وجود ۽ بقا جو واحد وسيلو آھي. سنڌو درياهه  قدرت طرفان مليل انمول تحفو آھي. ڪابه زنده قوم پنھنجي جياپي جي وسيلي تي سودي بازي نٿي ڪري سگھي. سنڌو درياهه جي موج ۽ مستين کي طاقت جي زور تي قتل ڪرڻ وارا سمورا ڪارا قانون ۽ فيصلا رد ۽ باطل آھن، سنڌ جي عوام ڪنهن به مقدس نالي ۾ ڪابه آبي دھشتگردي قبول نه ڪندي.
سنڌياڻي تحريڪ جي ھن عظيم الشان مارچ ۾ ھزارين سنڌياڻين سان گڏ شريڪ  اديب، دانشور، ليکڪ مختلف فورمن جا اڳواڻ، وڪيل، فنڪار، شاعر، شاگرد، نوجوان، ٻار ۽ ٻڍا مطالبو ٿا ڪن ته:
گرين پاڪستان منصوبن تحت چولستان جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني طور 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي. سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاھڻ بند ڪيا وڃن.
ارسا ايڪٽ 1992 ۾ صدارتي آرڊيننس وسيلي ڪيل ترميم 1973 واري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ 155 جي سنگين خلاف ورزي آهي. پاڻي سان لاڳاپيل مامرا گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اسم آهن، انهي معاملي تي ايڪنڪ يا ڪنھن به ٻئي فورم ۾ ڪيل فيصلا 1973 واري آئين جي لتاڙ آهن. اهڙا غير آئيني فيصلا ڪندڙ ملڪ دشمن قوتن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪري سنگين غداري جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل غير آئيني ترميم فوري طور واپس ورتي وڃي.

ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ پائي ويو آهي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، مڇي ماري زورگار ڪندڙ لکين ملاح، سامونڊ پٽي جا رهواسي، ھاري، هارياڻيون ۽ آبادگارن پنهنجي گهرن کان محروم ٿي ويا آهي، سندن روزگار تباھ ٿي ويا آهن. انهن سمورن متاثرن کي معاوضو ڏنو وڃي، بي گهر ماڻهن کي گهر ڏنا وڃن ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل پاڻي جو مقدار ڇڏيو وڃي. پنجاب جي حڪمرانن طرفان سنڌو درياهه تي ڏيڍ سئو سالن کان هنيل ڌاڙيلن جو سنڌ کي حساب ڏنو وڃي.
سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن ۽ ساک رکندڙ عالمي ادارن کان گذريل ڏيڍ صدي کان مسلسل سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ چوري ٿيل پاڻي جي منصفاڻي تحقيقات ڪرائي سنڌ کي ٿيل نقصان جو اضالو ڪيو وڃي، سنڌ جي پاڻي واري حصي کي يقيني بنايو وڃي.
ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي 52 هزار 7 سئو 13 ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو ڪمپني کي ڏيڻ وارو فيصلو فوري واپس ورتو وڃي ۽ زمينن مقامي هارياڻين ۽ هارين کي ڏني وڃي.
اتر سنڌ جي سمورن ضلعن کي پيپلز پارٽي سرڪار ڌاڙيل اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. لاڙ جي ضلعن ۾ بدامني لاقانونيت جو راڄ آھي، سنڌ جي پرامن شھرين اقليتن کي پنهنجي پاليل ڌاڙيلن ھٿان يرغمال بنايو ويو آھي، منشيات فروش ضلعي جي انتظاميه ۽ بااثر حُڪمران ڌُر جي نگراني ۾ سرعام منشيات جو ڪُڌو ڪاروبار ڪري رھيا آھن. اتر سنڌ ۾ سردارن، سنڌ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ سنڌي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن جي سھولتڪاري ڪندڙ سردارن ۽ لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ڌاڙيلن کي نيٽو جا اسمگل ٿيل جديد هٿيار ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي ججن تي مشتمل ڪميشن وسيلي جاچ ڪرائي وڃي ذميوارن کي سزائون ڏئي ڏوھارين جو خاتمو آڻي امن بحال ڪيو وڃي.
ملڪ کي انتهاپسند قوتن حوالي ڪرڻ بند ڪري پاڪستان جي آئين جا بنياد قائد اعظم محمد علي جناح جي سيڪيولر ۽ جمهوري قدرن تي رکيا وڃن. انتهاپسندي ڦهلائيندڙ شرپسندن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن.
سنڌ ۾ عورتن مٿان قيامت برپا ڪئي وئي آهي. ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، بدي جي شادي، ننڍي عمر جي شادي، ھراسمينٽ، بليڪ ميلنگ، سائبر بلنگ، زوري شادي، نياڻين مٿان تشدد جهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. سنڌ حڪومت ۽ پوليس ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي. عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪري ان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ يونين ڪائونسل سطح تي ڪميٽيون ٺاهي، انھن ۾ علائقائي عورتن کي نمائندگي ڏني وڃي. وومين پروٽيڪشن سيل ۽ اينٽي ھراسمينٽ سيل ناڪاره بڻيل آهن. اهڙن ادارن کي فعال بڻائي انهن ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، سنڌ جا تعليمي بورڊ ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ وٺندڙ ادارن سميت چٽاڀيٽي جا امتحان وٺندڙ ادارا پيپلز پارٽي سرڪار منڊي بڻائي ڇڏيا آهن. گريڊ ۽ نوڪرين جي وڪري سان غريب شاگردن جو حق ماري ميرٽ جو قتل عام  ڪري نوجوانن جي مستقبل جا رستا بند ڪيا ويا آھن، اهڙن ڪڌن عملن ۾ ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين جي آبادي هٿ وٺي گهٽائي وئي آھي، بد نيتي جي بنياد تي ٿيل فراڊي آدمشماري جا نتيجا رد ڪري، سنڌ ۾ موجود غيرقانوني غير ملڪين کي نيڪالي ڏئي ٻيهر مقرر وقت تي ڊيجيوري طريقيڪار تحت آدمشماري ڪرائي وڃي، ان سان گڏ غيرملڪين کي رشوت عيوض سنڌ جا شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيندڙ نادرا جي آفيسرن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، سنڌ ۾ رھندڙ غير  قانوني طور غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي. 
سنڌ جي تھذيبي، ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن مڪانن تي قبضا ڪري کين تباھ ڪيو پيو وڃي، ڪارونجھر، گورک، کير ٿر، گنجي ٽڪر، ڪينجھر، منڇر، ھاليجي، نيشنل پارڪ، ڀنڀور، موئن جو دڙو، مومل جي ماڙي، ڪاهو جو دڙو سميت سمورن تاريخي ماڳن مڪانن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. اڄوڪي ھن جلسي عام ۾ مطالبو ٿو ڪجي ته سنڌ جي تاريخي تھذيبي ۽ ثقافتي ورثن کي بچائڻ لاء خاص اپاءُ وٺي قبضا ختم ڪرايا وڃن.
26هين آئيني ترميم ذريعي بنيادي طور تي ايس آئي ايف سي کي زمينن، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ معدني وسيلن تي قبضو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. ججن جي مقرري ۽ اختيارن ۾ بيجا مداخلت سبب  سپريم ڪورٽ کي قيد ڪري عوام کان انصاف جي حاصلات جو حق کسيو ويو آهي. 26هين آئيني ترميم کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ بنيادي آئيني ۽ انساني حق بحال ڪيا وڃن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے