نومبر 30, 2024

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برداشت، رواداري جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته رواداري ۾ هڪٻئي جي نقطه نظر جو احترام ڪندي انساني حقن ۽ آزادين کي تسليم ڪرڻ شامل آهي. وڏي وزير چيو ته رواداري اسان جي ثقافت ۾ گهڻي جڙيل آهي جيڪا سڀني مذهبن ۽ مختلف سوچن جي ماڻهن کي سنڌ جي ڌرتي تي برابري جي حقن سان زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ٿي. وڏي وزير چيو ته اسلام هميشه رواداري ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، هر مذهب ۽ نظريي جي احترام جي اهميت کي اجاڳر ڪيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته رواداري جو مطلب آهي انصاف تي عمل ڪرڻ جيتوڻيڪ مذهب، تهذيب، ثقافت، ٻولي يا نسل جو اختلاف ئي ڇونه هجي. هن چيو ته مختلف برادرين ۾ ڀائيچارو رواداري سان ئي قائم ٿيندو آهي. وڏي وزير عالمن ۽ اديبن تي پڻ زور ڏنو ته هو سماج ۾ رواداري جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
سينيئر سياستدان الياس بلور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينيئر سياستدان سينيٽر الياس احمد بلور جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ بلور کي نه فقط هڪ سياستدان جي حيثيت سان ياد ڪيو پر پاڪستان جي مالياتي شعبي ۾ پڻ سندس ڪردار کي ساراهيو. وڏي وزير اي اين پي اڳواڻ جي ايصال ثواب لاءِ دعا گهري ۽ سندس خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه شاهه مردان چيڪ پوسٽ قلات تي سڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڏک جي هن گهڙي ۾ پنهنجي شهيدن کي هميشه ياد رکندو، هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ منهنجي دل شهيدن ۽ زخمين جي خاندانن سان گڏ آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے