خليل عارف سومرو
تنهنجو رتُ ڪهاڻي ٿيندو
سچ جي سڏُ وراڻي ٿيندو۔
دهشت، وحشت، ملايت لاءِ،
ثابت هڪُ هڪاڻي ٿيندو ۔
جي بہ جنونيت ڦھلائن ٿا،
تن سان هاڻي پاڻي ٿيندو ۔
اوندھ جو اجگر مارڻ لاءِ،
جهيڙو ڄاڻي واڻي ٿيندو ۔
اٿ تہ سهي سنڌ سورن ۾ آ،
ڪير اچي ٻيو ساڻي ٿيندو۔
سنڌ لاءِ سڏ ڪري ڏس عارف،
اصلي، نقلي ڇاڻي ٿيندو ۔