نومبر 21, 2024


عوامي تحريڪ جي مرڪزي وفد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڳوٺ پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي.

پوليس هٿان بيدردي سان قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي تڏي تي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، حورالنساءِ پليجو، لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري، مهراڻ سنڌي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڳوٺ جانهيرو پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي.

سنڌ کي هٿ وٺي انتهاپسندي جي طرف ڌڪيو پيو وڃي، عوامي تحريڪ

ملڪ کي انتهاپسندي حوالي ڪندڙ محمد علي جناح جي سيڪيولر پاڪستان جا قاتل آهن، وسند ٿري مرڪزي آرگنائيزر عوامي تحريڪ

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل پيپلز پارٽي حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي، وسند ٿري

سنڌ کي جنونين ۽ انتهاپسندن حوالي ڪرڻ بند ڪريو ، عوامي تحريڪ
عمرڪوٽ /ڳوٺ جانهيرو
پوليس هٿان بيدردي سان قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي تڏي تي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، حورالنساءِ پليجو، لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ڊاڪٽر دلدار لغاري، مهراڻ سنڌي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڳوٺ جانهيرو پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل سنڌ حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي. پوليس هٿان ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل شرمناڪ عمل آهي. هنن چيو ته ملڪ جي باني محمد علي جناح جي سيڪيولر پاڪستان جو چهرو مسخ ڪيو ويو آهي. ملڪ جون واڳون انتهاپسندن حوالي آهن. ملڪ اڻ اعلانيل طور انتهاپسندن حوالي آهي. سنڌ پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪيو آهي. ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل انصاف جي اداري مٿان سواليه نشان آهي. ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي خاموشي افسوسناڪ آهي. سنڌ جنونين ۽ انتهاپسندن حوالي آهي. سنڌ ۾ ڪٿي به آئين ۽ قانون جي حڪمراني ڪونھي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي اعلي عدالتي جاچ ڪميشن وسيلي جاچ ڪئي وڃي. قتل ۾ ملوث پوليس جي اعلي عملدارن سميت سمورن جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.
مرڪزي پريس سيڪريٽري
عوامي تحريڪ

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے