دسمبر 2, 2024

علي نوناري

ھي قدیم سنڌ جي قدیم مٽيءَ مان پیدا ٿیل قدیم ڪولھي قبیلي جو پریم ڪولھي آھي، جیڪو اسان لاءِ مذھبي انتھاپسند عمر سرھندي سمیت ٻين انتھاپسند سنڌي توڙي غیر سنڌي مسلمانن کان وڌیڪ عظیم ۽ پیارو آھي۔
ڇاڪاڻ تہ ھن انسان جي عظمت کي سڙڻ کان بچائڻ لاء پنھنجي وت ۽ وس آھر ان وقت ڪوشش پئي ڪئي جیڪڏھن سنڌ جو انتھا پسند دشمنن، ھڪ انسان کي مارڻ وارن وحشي درندن کي گلن جا ھار پارائي گلن جي ورکا ڪئي پئي۔
ھاڻ سنڌ دوست شعور کي گھرجي تہ ھڪ انسان جي عظمت بچائڻ خاطر پریم ڪولھي عرف پریمو کي بہ گلن جا ھار پارائي، کيس گلن جي ورکا سان مان ڏئي، جنھن سان نہ فقط پریم ڪولھي کي مانُ ملندو پر اھڙن ڪیترن انسان جو اتساھ ۽ اعتماد وڌندو، جیڪي ڪنھن بہ اھڙي امڪاني صورتحال کي بنا خوف ۽ خطري جي منھن ڏیئڻ جي سگھ ساریندا۔

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے