دسمبر 2, 2024

ڪراچي،

12 ربيع الاول جي پرمسرت موقعي تي، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيف سيڪريٽري هائوس ۾ وڻ لڳائي ڏينهن کي يادگار بڻايو. ان مهم جو مقصد ماحول جي حفاظت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي، جيڪا پياري نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي، آصف حيدر شاهه چيو ته شجرڪاري حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي سنت آهي ۽ اهو اسان لاءِ هڪ سبز ۽ پائيدار مستقبل ڏانهن اهم قدم آهي. هن شھرين کي ماحول جي تحفظ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته هي ذميواري اسان سڀني تي عائد ٿئي ٿي. چيف سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته اهڙا قدم نه رڳو نبي ﷺ جي تعليمات کي جيئرو رکندا آهن، پر هڪ بهتر ۽ صحت مند ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن۔

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے