دسمبر 2, 2024

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه خبردار ڪيو آهي ته عوام انتشار پکيڙڻ وارن کان هوشيار رهي. مشرقي ۽ اولهندي سرحدن جا دشمن ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا، الله جي مدد سان دشمن جي انهن ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته پاڪستان کي سياسي ۽ معاشي مشڪلاتن کان بچائي. اڄ اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان کي اهو عظيم ملڪ بڻائينداسين جنهن جو خواب قائداعظم ڏٺو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو قربانيون ڏنيون هيون. اها ڳالهه وڏي وزير سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسور سان سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. مراد علي شاهه ميمڻ مسجد تي جشن عيد ميلاد النبي صه جلوس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزيرن ناصر حسين شاهه، ضياءَ الحسن لنجار، ڄام خان شورو، سعيد غني، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، محمد علي ملڪاڻي، رياض حسين شيرازي ۽ ميئر ڪراچي مرتضي‏ وهاب موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سموري دنيا جي مسلمانن کي سرور قونين حضرت محمد مصطفي‏ صه جي پيدائش جي مبارکون ڏنيون. ان چيو ته ٻنهي جهانن جي سردار سموري دنيا لاءِ رحمت بڻجي آيا. اڄ رحمت اللعالمين جي پيدائش جو ڏينهن آهي اڄ اسان کي انهن جي نقش قدم تي هلڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي. اڄ اسان کي عزم ڪرڻ گهرجي ته الله جي دين ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جي ٻڌايل رستي تي هلي دين ۽ دنيا جي ڪاميابي حاصل ڪريون. ان موقعي تي مراد علي شاهه ڪشمير ۽ فلسطين ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسلامي دنيا کي ايتري طاقت ڏئي ته جيئن مسلمانن کي ظالمن جي ظلمن کان بچائي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي جا مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. هن جلوس ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ به ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪيون آهن. جلوس جي موقعي تي هتي مڪمل سيڪيورٽي پڻ نظر آئي ۽ منتظمين به سيڪيورٽي انتظامن کان مطمئن آهن. وڏي وزير ميمن مسجد ۾ انتظاميه سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار پڻ موجود هئا. وڏي وزير سينٽرل پوليس آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ اتان جلوس جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ڏني.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے