دسمبر 1, 2024

ڪراچي(جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي پرمسرت موقعي تي سي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسد الله خان پاران پنھنجي جاري ڪيل پيغام ۾ پوري عالم اسلام کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آھي تہ اڄوڪو ڏينهن سڄي انسانيت سميت پوري امت مسلمہ لاءِ الله تعاليٰ جي طرفان وڏي فضل جو ڏينهن آهي ڇاڪاڻ تہ الله رب العزت اڄوڪي ڏينهن پاڻ ﷺ کي سڄي ڪائنات لاءِ رحمت العالمين بڻائي موڪليو ۽ اسان جي اھيا خوش قسمتي آهي تہ الله تعاليٰ اسان کي ان رسول ﷺ جو امتي بڻايو جيڪو سڀني جهانن لاءِ رحمت العالمين آهي هنن چيو تہ حضرت نبي ﷺ جي زندگي قرآن پاڪ جي عملي تشريح آهي انڪري الله تعاليٰ پاڻ ﷺ کي رحمت العالمين جو لقب عطا فرمايو ڇاڪاڻ تہ پاڻ ﷺ جي زندگي اعليٰ ڪردار صداقت ديانتداري ۽ ايمانداري جو شاندار نمونو آهي پاڻ ﷺ جي ذات مبارڪ جو اھيو ڪرشمو آھي تہ دنيا ۾ هڪ روحاني ۽ سماجي انقلاب برپا ٿيو پاڻ ﷺ جن پنهنجي عمل صالح سان اھيو ثابت ڪيو تہ مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ سان ٻيا مسلمان ڀائر محفوظ رهن پاڻ ﷺ دنيا کي شفقت رحمدلي ڀائيچاري ۽ پاڻ ۾ پيار ۽ محبت جو درس ڏنو ۽ هڪ ٻئي سان سٺي رويي رکڻ جي تلقين فرمائي ھنن چيو تہ حضرت نبي ﷺ جي سيرت طيبه جو هڪ نمايان پهلو غير مسلم اقليتن سان سهڻو سلوڪ هو ۽ پاڻ ﷺ هميشہ غير مسلمن سان رواداري باهمي ۽ همدردي جو درس ڏنو جڏهن تہ پاڻ ﷺ اقليتن جي حقن جي حفاظت جو انتظام ڪيو ڇاڪاڻ تہ اسلام هڪ عالمگير مذهب مذهب جي طور تي سڄي عالم انسانيت کي ڍڪي ٿو انڪري اسلام ۾ سڀني انسانن کي برابري جو حق ڏنو ويو آهي ان کان علاوه دين اسلام رنگ نسل ذات ۽ پات جي بنياد تي ڪنهن بہ قسم جي تعصب کي برداشت نٿو ڪري ڇاڪاڻ تہ اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي ۽ اسلام ۾ انتهاپسندي فرقيواريت ۽ دهشتگردي جھڙين براين جي ڪا بہ گنجائش نہ آهي ھنن چيو تہ پيغمبر اسلام پاڻ سان گڏ نہ فقط هڪ دين بلڪه قرآن مجيد جي صورت ۾ هڪ مڪمل ضابطه حيات کڻي آيو جنهن ۾ ھڪ ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ سموريون هدايتون ۽ رھنمائي موجود آهن بلاشڪ قرآن پاڪ قيامت تائين سڄي انسانيت جي لاءِ ترقي ۽ هدايت جو لازوال سر چشمو آھي ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ اڄوڪو ڏينهن اسان کي پاڻ ڪريم ﷺ جي تعليمات جي روشني ۾ ڏينهن ۽ رات الله تعاليٰ جي حڪمن مطابق گذارڻ جي نصيحت ڪري ٿو الله تعالي جي بارگاه اقدس ۾ اسين دين اسلام ۽ پياري ملڪ پاڪستان جي سربلندي لاء دعاگو آهيون اچو تہ اڄوڪي ڀلاري ڏينهن جي موقعي تي اهو عهد ڪريون تہ اسين پنھنجي زندگي پيغمبر اسلام جي تعليمات مطابق پاڪستان جي ترقي ۽ دين اسلام جي واڌاري لاءِ وقف ڪنداسين ۽ انشاءَ الله پاڪستان کي امن ۽ خوشحالي جو گھر بڻائينداسين الله رب العزت کان دعا آهي تہ اھو اسان کي حضرت نبي ڪريم ﷺ جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے