دسمبر 2, 2024

سندھ حڪومت پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن۾نئين جديدطريقي سان سڌارا آڻڻ جو اصولی فيصلو

زراعت واري وزير سردار محمد بخش مھر جي صدارت ھيٺ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ سڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو، ايم ڊي سندھ سيڊ ڪارپوريشن، زراعت جا تمام ڊي جيز ۽ ٻيا زرعي ماهر شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ ايم ڊي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۽ ٻين ڊي جيز سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ڪارڪر دگي بابت بريفنگ ڏني.

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ نئين جدت سان اصلاحات آڻڻ جي ضرورت

صوبائي وزير پاران سڪريٽري زراعت کي 15 ڏينهن جي اندر اندر هڪ ترتيب وار پلان ٺاهي ڏيڻ جي هدايت

ڪارپوريشن ۾ اصلاحات آڻڻ بابت 15 ڏينهن جي اندر پلان ٺاهي ڪابينا۾پيش ڪيوويندو

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو برو حال آهي، آفيسر ڪارڪردگي بھتر ڪن

سيڊ ڪارپوريشن جي آفيسرن جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهيان,فوري طور تي سٺا آفيسر تعينات ڪياوڃن:صوبائي وزير

اسان کي ٻيھر ھن اداري کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ جي ضرورت آهي

زراعت کاتي جي سڀني ونگز مان سٺا آفيسر ۽ ملازم سيڊ ڪارپوريشن ۾ موڪلڻ جي به هدايت ڪئي وئي.

سيڊ ڪارپوريشن ۾ 10 سالن ۾ 61 سيڪڙو پروڊڪشن وڌائي آهي:سيڊ ڪارپوريشن جي آفيسرن جي اجلاس ۾ بريفنگ

سکرنڊ ۽ ٽنڊوڄام ۾ ڪڻڪ ۽ ڪاٽن جا پروسيسنگ پلانٽ لڳايا ويا آهن

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ زرعي ماهرن جي تعيناتي کي يقيني بڻايو وڃي

آفتن ۽ موسمي تبديلين کي منھن ڏيڻ لاءِ زرعي شعبي کي وڌيڪ لچڪدار بڻايو وڃي:
محمد بخش مھر جي آفيسرن کي هدايت

سنڌ ۾ ٻج جي معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِسخت معياري ڪنٽرول جا اقدام نافذ ڪيا وڃن:زراعت واري وزير جي آفيسرن کي ھدايت

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے