دسمبر 1, 2024

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ۽ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ اينڊ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ‏‏ وچ ۾ ملاقات دوران صوبي ۾ جاري ۽ مستقبل جي رٿائن ۽ موسمياتي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ سھڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ پائيدار ترقي لاءِ فريم ورڪ تحت سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ايجنسين ۽ ڀائيوارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پائيدار ترقي لاءِ فريم ورڪ جو گڏيل قومن ۽ پاڪستاني حڪومت وچ ۾ هڪ معاهدو ڪيل آهي جيڪو قومي ترقي جي اهم شعبن سان واسطو رکي ٿو. وڏي وزير چيو ته اسان صوبائي سطح تي فريم ورڪ تي عملدرآمد جي نگراني ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي آهي. گڏيل قومن پاڪستان ۾ پنجن ترجيحي شعبن جي ترقي لاءِ 4 ارب 70 ڪروڙ ڊالر مھارت ۽ وسيلن لاءِ مختص ڪيا آهن. ترجيحي شعبن ۾ بنيادي سماجي خدمتون، موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات، صنفي برابري ۽ عورتن جي بااختيار بڻائڻ، گڏيل معاشي ترقي ۽ گورننس شامل آهن. وڏي وزير ۽ گڏيل قومن جي ڪوآرڊينيٽر وچ ۾ سنڌ ۾ گڏيل معاشي ترقي ۽ غربت جي خاتمي جي ڊگهي مدي واري حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيد مراد علي شاهه چيو گڏيل قومن جي سهڪار سان ته سنڌ ۾ صحت، تعليم، رهڻي ڪهڻي، غربت جي خاتمي، غذائيت، ننڍي ڪاروبار جي ترقي، موسمي اثرن سان جڙيل زراعت ۽ پاڻيءَ جي انتظامن جون ڪيتريون کي رٿائون جاري

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے