ڪراچي وفاقي حڪومت پاران وڏي خبر اچي وئي، سنڌ ۾ اهم شاهراهن جي تعمير جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو. وڏي وزير کي وفاقي ناڻي واري وزير فنڊ جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو. اها ڳالهه ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات دوران ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، وفاقي سيڪريٽري ناڻي امداد الله بوسال، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ صوبائي سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڄامشورو کان سيوهڻ نيشنل هاءِ وي کي مڪمل ڪرڻ وارو مامرو وفاقي ناڻي واري وزير اڳيان اٿاريو. وڏي وزير وفاقي وزير کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت گهڻو وقت اڳ نيشنل هاءِ وي جي تعمير لاءِ 7 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آھن. وفاقي ناڻي واري وزير وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي يقين ڏياريو ته سنڌ ۾ پي ايس ڊي پي رٿائن لاءِ فنڊنگ جاري ڪئي ويندي. ملاقات ۾ ملڪ جي معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ملڪي معيشت جي بهتريءَ لاءِ موثر اپاءَ وٺي رھي آهي.