دسمبر 2, 2024

گهوٽڪي چيئرمين ضلع ڪائونسل گهوٽڪي بنگل خان مهر جي صدارت هيٺ مالي سال 25-2024 جو بجيٽ اجلاس ٿي گذريو. چيئرمين هڪ ارب 17 ڪروڙ 23 لک جي بجيٽ پيش ڪئي جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. خبر موجب چيئرمين ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي بنگل خان مهر جي صدارت هيٺ ضلع ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ مالي سال 25-2024 جو بجيٽ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل بابر خان لنڊ سميت ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل هڪ ارب 17 ڪروڙ 23 لک جي بجيٽ پيش ڪئي اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. مننظور ڪيل بجيٽ ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ پينش لاءِ 54 ڪروڙ 66 لک مختص ڪيا ويا آهن، ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 45 ڪروڙ ۽ هلندڙ ڪمن لاءِ 57 لک رکيا ويا آهن اهڙي ريت غير ترقياتي ڪمن جهڙوڪ امداد، اسڪالرشپ، هنگامي صورتحال ۽ پيٽرول جي مد ۾ 24 ڪروڙ 38 لک روپيا مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ته مرمت۽ سار سنڀال جي مد ۾ 14 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا آهن. منظور ڪيل بجيٽ ۾ سيڪيورٽي ڊپازٽ تحت هڪ ڪروڙ 15 آمدني ڏيکاري وئي، او زيڊ ٽي جي مد ۾ رهيل رقم 9 ڪروڙ 53 لک ڏيکاري وئي ۽ روينيو ڪيپيٽل ۾ 24 ڪروڙ 40 لک آمدني ڏيکاري وئي آهي. ان موقعي تي بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين ضلع ڪائونسل بنگل خان مهر چيو ته سمورن ميمبرن سان گڏجي ضلع ڪائونسل کي هلايو ويندو، گهٽ وسيلن باوجود ڪوشش ڪنداسون ته وڌ کان وڌ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن، ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏينداسون، هڪٻئي جي تعاون سان عوامي مسئلا حل ڪيا ويندا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے