جون 22, 2025

جنگشاهي /ٺٽو
عوامي تحريڪ جي سربراهه عظيم انقلابي مفڪر رسول بخش پليجي جي ڀيڻ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر، ليکڪ ۽ عورتن جي حقن جي علمبردار حور النسا پليجو انقلابي رنگن سان رسول بخش پليجي صاحب جي مزار ڀرسان جنگشاھي ۾ تدفين ڪئي وئي. حور النسا پليجو کي قومي گيتن، نغمن، نعرن ۽ انقلابي جوش و خروش سان پنھنجي ڀاءُ، سنڌ جي عظيم يگاني مفڪر رسول بخش پليجي صاحب جي آخري آرام گاهه ڀرسان دفن ڪيو ويو. حور النسا پليجو جي آخري رسمن ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، اظهار دائودپوٽو، ستار رند، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، لال جروار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري، مير حسن آريسر، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، نور بانو ملاح، ساجده ڀاڻو، سڀاني ڏاهري، پروفيسر عبدﷲ ملاح ،ڊاڪٽر علم دين انصاري، محمد علي مانجھي، خدا ڏنو شاه، ايوب شيخ، ذوالفقار واهوچو، ذوالفقار راڄپر، اعجاز منگي، آبادگار اڳواڻ نظير شاھ عبدالخالق سومرو، پرهه سومرو، بختاور ملاح، شاهين خاصخيلي، آمنہ لاشاري، مروبت ھاليپوٽو، عظمت ھاليپوٽو ، ڊاڪٽر سنڌو ، بيگم زئور ، مٺا خان لاشاري، عبدالرزاق چانڊيو، بلاول لاشاري، سلما لاشاري، ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو هميرو مل، ۽ ٻيا شريڪ.
ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته حور النسا پليجو سنڌ جي قومي، طبقاتي جدوجھد جو اهڃاڻ هئي. حور النسا پليجو سڄي ڄمار آمريت خلاف وڙهي. حور النسا پليجو ساه جي آخري گهڙين تائين عظيم انقلابي آدرشن ۽ عالمي انقلابي نظريي سان وفادار رهي.

حور النسا پليجو جي جدوجھد صدين تائين ياد رکي ويندي. حور النسا پليجو ڌاڙيل واهن تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال خلاف مظاهرن ۽ ريلين جي قيادت ڪئي. ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچن ۾ حور النسا پليجو اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. حور النسا پليجو سنڌي عورتن جو اتساھ هئي.

حور النسا پليجو پنھنجي حياتي ضيائي آمريت ۽ هر دور جي نااهل

حڪمران خلاف وڙهندي گذاري. فڪر رسول بخش پليجي جي پورهيت انقلابي نظريي تي ساه جي آخري پساهن تائين عمل ڪندي رهي. لطيف جن سورمين جو ذڪر ڪيو آهي حور النسا پليجو انھن جو عملي روپ هئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے