مئی 30, 2025

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي پاڪستان جي هٿياربند فوج سان يڪجهتي لاءِ نڪتل ريليءَ ۾ ڀرپور شرڪت

ڪراچي:

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران خميس ڏينهن پاڪستان جي هٿياربند فوج سان يڪجهتيءَ لاءِ سي ويو تي، نشانِ پاڪستان کان ڪلاڪ ٽاور تائين ڪڍيل يڪجهتي ريليءَ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. ريليءَ جي اڳواڻي سنڌ ايڇ اِي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع ڪئي، جنهن ۾ ٻين يونيورسٽين ۽ انهن جي سربراهن سان گڏ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي قائم مقام وائس چانسلر ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ، ڊين ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ، وائس چانسلر جي تعليمي معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان، رجسٽرار غلام مصطفيٰ شيخ، داخلائن ۽ امتحانن جي ڊائريڪٽر فرقان افتخار، تعليمي شعبن جي چيئرپرسنس، انتظامي شعبن جي سربراهن، فيڪلٽي، آفيسرن، عملي ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.


ان موقعي تي، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي قائم مقام وائس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي تازي ڀارتي جارحيت دوران پاڪستاني فوج جي بهادري ۽ مثالي ڪاميابيءَ کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر آهي، جنهن پاڪستان تي ڀارت جي شرمناڪ حملي دوران پنهنجي قومي جذبي، بهادري ۽ جنگي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي ملڪ جي خودمختياريءَ جي حفاظت ڪئي ۽ دشمن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪرڻ وارو جواب ڏنو.
هن چيو ته دنيا هاڻي ڀارتي ارادن کان مڪمل طور تي واقف ٿي چڪي آهي ته، ڀارت ئي هميشه اڳرائي ڪري پاڪستان خلاف جارحيت ۽ دشمني ڏيکاريندو آيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان هميشه خطي ۾ امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ والاريل ڪشمير لاءِ خوداراديت جو حق گهريو آهي.

هن پاڪستان ايئر فورس ۽ ان جي هيروز کي به سلام پيش ڪيو جن جنگ دوران پاڪستان تي حملو ڪندڙ ڀارتي جنگي جهازن کي تباهه ڪيو. هن چيو ته هيءَ اسان سڀني لاءِ فخر جي گهڙي آهي ته ڀارت کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ پاڪستان اخلاقي طور تي بلند ۽ عالمي برادريءَ ۾ سرخرو بڻجي اڀريو.


هن چيو ته اسين سڀ پاڪستان جي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺا آهيون، جيڪي اسان جي ملڪ – پاڪستان ۽ ان جي ماڻهن جي جانين جي حفاظت ڪري رهيون آهن.

هن چيو ته ڀارت کي خطي ۾ امن جو احترام ڪرڻ گهرجي، والاريل

ڪشمير مان نڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪرڻ گهرجي.
ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع جي ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي، جنهن ڪامياب ريلي جو انتظام ڪيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے