جون 24, 2025

ورلڊ سنڌي ڪانگريس، ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ پورهيت مزاحمت سميت مختلف تنظيمن طرفان حورالنساء پليجو جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار

جامي چانڊيو، وسعت الله خان، نصير ميمڻ، نعمت کهڙو سميت مختلف اديبن، صحافين، اديبن ۽ دانشورن طرفان حورالنساء پليجو جي اوچتي وڇوڙي تي تعزيت جو اظهار.

جنگشاھي /ٺٽو (پ. ر) عوامي تحريڪ سربراهه، عظيم انقلابي مفڪر رسول بخش پليجي صاحب جي ڀيڻ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر ،ليکڪ ۽ عورتن جي حقن جي علمبردار حور النسا پليجو جي وفات تي سنڌ جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ليکڪن، اديبن، شاعرن، سياستدانن ۽ ٻين طرفان ڏک جو اظهار. حور النسا پليجو کي زبردست ڀيٽا پيش. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته حور النسا پليجو ضيائي آمريت مشرف جي آمريت خلاف جنگ ڪئي. حور النساء پليجو سنڌ جي زمينن، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن سميت سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. حور النسا پليجو سنڌ جي عورتن جي حقن جي جدوجھد جي علمبردار آهي. حور النسا پليجو سموري حياتي پورهيت دوست انقلابي نظريي سان وفادار ٿي گذاري. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ڪاتيار چيو ته حورالنساء پليجو ضياء ۽ مشرف جي آمريت خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي، هن جمهوريت جي بحالي لاءِ آواز بلند ڪيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته حورالنساء پليجو عدليا ۽ ميڊيا جي آزاديءَ لاءِ هلندڙ تحريڪن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته حورالنساء پليجو ڪالا باغ ڊيم خلاف، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو، اسين کيس سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاه چيو ته حور النسا پليجو جو سنڌ جي قومي جدوجھد ۽ عورتن جي حقن لاءِ جدوجھد ۾ اهم مقام رهيو آهي. حور النسا پليجو جو وڇوڙو قومي نقصان آهي.
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حور النسا پليجو جي سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ جدوجھد کي سنڌ هميشه ياد رکندي. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته حور النسا پليجو سنڌ جي قومي، عوامي ۽ طبقاتي جدوجھد جو سرگرم حصو هئي.
ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان تعزيتي پيغام جاري ڪندي چيو ويو ته ادي حور هڪ بهادر ۽ اصولن واري سياسي ڪارڪن هئي….. سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ سندس ڪردار هميشه ياد رهندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے