
ڪراچي
سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي 15 مئي تي "يومِ تشڪر ۽ يومِ فتح” ملهاڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن موقعي تي دهشتگرد ڀارت جي جارحيت خلاف پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي بهادراڻي مزاحمت، اثرائتي حڪمت عملي ۽ شاندار ڪاميابي کي ڀرپور انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.
سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 15 مئي تي "يومِ تشڪر” ۽ "يومِ فتح” ملهائي پوري دنيا کي اهو پيغام ڏنو ويندو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، پر پنهنجي سرحدن، خودمختياري ۽ قومي وقار جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هن ڏينهن جي مناسبت سان سڄي سنڌ ۾ تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ شهيدن جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني، پاڪستاني فوج جي جوانن جي مان ۾ ريليون ۽ عوامي اجتماع شامل هوندا.