مارچ 12, 2025

نئين ڀرتي ٿيل استادن جي ڊيٽابيس ۽ پگهارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ، جڏهن ته 5 هزار مستقل غير حاضر استادن کي واپس نه اچڻ جي صورت ۾ برطرف ڪرڻ جي هدايت،

صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ اسڪول ايجوڪيشن کاتي سنڌ جي سالياني جائزي واري اجلاس ۾ اهم فيصلا

ڪراچي، تعليم ۽ معدنيات جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ استادن جي ڀرتي واري مرحلي کي 30 جون تائين وڌائڻ، نون ڀرتي ٿيل استادن جي ڊيٽابيس ۽ پگهارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ، مستقل غير حاضر استادن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ ۽ هلندڙ تعليمي سال جي پڄاڻي تي سرڪاري اسڪولن جي بوڪ بينڪن ۾ 50 سيڪڙو ڪتابن جي واپسي کي يقيني بڻائڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم ۾ ٿيل سالياني جائزي اجلاس ۾ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ زاهد علي عباسي، تعليم کاتي جي ڊويزنل ۽ ضلعي آفيسرن سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه اجلاس دوران هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ تعليمي سڌارن جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جا آفيسر سنجيده ۽ ايمانداراڻو رويو اختيار ڪن ته جيئن حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس دوران صوبائي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جي ڀرتي واري مرحلي ۾ هن وقت تائين 78,441 اميدوارن کي آفر ليٽر جاري ڪيا ويا آهن،

جن مان 55,566 پرائمري اسڪول ٽيچرز ۽ 22,875 جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز شامل آهن. آفر ليٽر جاري ٿيڻ بعد 75,646 اميدوارن کي اپائنٽمينٽ آرڊر ڏنا ويا، جڏهن ته 73,994 اميدوارن نوڪري جوائن ڪئي آهي، جڏهن ته 10,366 اميدوارن پي ايس ٽي کي ڇڏي جَي اي ايس ٽي جوائن ڪرڻ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪرڻ يا ٻي نوڪري چونڊڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 63,628 استاد باقائدگي سان ڊيوٽي تي موجود آهن،

جڏهن ته مختلف ضلعن ۾ انتظار ڪندڙ اميدوارن جو وڏو انگ موجود آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير آفيسرن سان صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو ته استادن جي ڀرتي واري مرحلي کي 30 جون 2025 تائين وڌايو ويندو. هن ٻڌايو ته نگران حڪومت، ٻوڏ ۽ برساتن سبب پيدا ٿيل حالتن ۽ ٻين مسئلن جي ڪري ڀرتي وارو عمل متاثر ٿيو، تنهن ڪري ان جي حتمي تاريخ وڌائڻ ضروري آهي.

وزير تعليم چيو ته نون ڀرتي ٿيل استادن جو ڊيٽابيس جلدي مڪمل ڪيو وڃي، ان حوالي سان شڪايت رهي آهي ته استادن جي پگهارن جي مسئلن تي کين پريشان ڪيو پيو وڃي. هن خبردار ڪيو ته ڊيٽا مهيا ڪرڻ ۾ دير ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس دوران صوبائي وزير 5,000 مستقل غير حاضر استادن کي 15 ڏينهن جي آخري مهلت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

جيڪڏهن اهي واپس نه اچن ته انهن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته تعليم کاتي ۾ غير سنجيده استادن لاءِ ڪا به گنجائش نه هجڻ گهرجي. اجلاس دوران وزير تعليم سندھ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمين کان اسڪولن ۾ ڪتابن جي فراهمي بابت معلومات ورتي. صوبائي وزير چيو ته نئين ڇپجندڙ ڪتابن کي محفوظ رکڻ لاءِ بُڪ بينڪ جو تصور ڏنو ويو آهي.

آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته هن سال 50 سيڪڙو ڪتابن جي واپسي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان ذميواري اسڪولن جي هيڊ ماسترن تي هوندي، جن جي نگراني تعليمي آفيسر ڪندا. 50 سيڪڙو ڪتابن جي واپسي يقيني نه بڻائيندڙ آفيسرن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ استادن جي حاضري بهتر ڪرڻ، اسڪولن ۾ وڻ پوکڻ، هم نصابي سرگرمين ۽ ٻين صحتمند سرگرمين کي هٿي ڏيڻ بابت به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے