مارچ 12, 2025

ڪراچي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب واٽر ڪارپوريشن جي

آفيسرن لاءِ تاريخي قدم کڻندي سندن پراڻو مطالبو پورو ڪري ڇڏي

ترجمان موجب واٽر ڪارپوريشن جي 35 سينئر آفيسرن کي مٿئين

گريڊ ۾ ترقيون ڏنيون ويون آھن ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي پروموشن جا آرڊر ڏيڻ جي تقريب انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن پاران چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ منعقد ٿي تقريب جو خاص مهمان ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب هو ان موقعي تي ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان سميت ٻيا اعليٰ عملدار ۽ انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن جا عهديدار موجود هئا ميئر ڪراچي ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ پروموشن جا آرڊر ورهائيندي چيو تہ آفيسر پنهنجي اداري جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪندي پنهنجا فرائض ايمانداري سان سرانجام ڏين ڇاڪاڻ تہ اسان جو مقصد واٽر ڪارپوريشن کي هڪ مثالي ادارو بڻائڻ آهي هن چيو قابل محنتي ۽ ذميوار صلاحيتن وارن آفيسرن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويندو تہ جيئن واٽر ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ميئر ڪراچي جو چوڻ آهي تہ ترقين جي معاملي ۾ ڪنهن بہ آفيسر جي حقن جي خلاف ورزي نہ ڪئي ويئي آهي ڇاڪاڻ تہ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي سمورا فيصلا قانون جي مطابق ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکندي ڪيا آهن ھن ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان سميت ايڇ آر ڊي اي کاتي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ ڊي پي سي ون کي شفاف طريقي سان مڪمل ڪرڻ ۾ ھنن جو اهم ڪردار آهي ميئر ڪراچي ايڇ آر ڊي اي کاتي کي هدايتون ڏيندي چيو تہ گريڊ 17 کان گريڊ 18 جي آفيسرن کي مارچ جي ٽئين هفتي تائين مٿئين گريڊ ۾ ترقين جا آرڊر ڏنا وڃن جڏھن تہ گريڊ 2 کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن کي مٿئين گريڊ ۾ جلد ترقيون ڏنيون وڃن ۽ ڊي پي سي ٽو جلد ڪرڻ جي لاء تڪڙا اُپاءَ ورتا وڃن ان موقعي تي ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان جو چوڻ هو تہ اڄ اسان سڀني جي لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي ڇاڪاڻ تہ آفيسرن کي شفاف طريقي سان ترقيون ڏيئي ڪري انتظاميا پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي هن چيو ميئر ڪراچي جي ذاتي دلچسپي ۽ ڪاوشن سان آفيسرن جون ترقيون ٿيون آهن جڏهن تہ ٻئي مرحلي ۾ گريڊ 2 کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن کي مٿئين گريڊ ۾ ترقيون ڏنيون وينديون هن ڊي ايم ڊي ايڇ آر ڊي اي محمد ثاقب سميت سندس پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ ترقين جي معاملي ۾ ھنن جو اهم ڪردار آھي ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب 20 گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن ۾ نظام الدين شيخ محمد علي شيخ سعيد احمد شيخ منير ڀٽي ۽ ظفر احمد شامل آهن جڏهن تہ ترقي ماڻيندڙ ۾ گريڊ 20 جا 5 ۽ گريڊ 19 جا 30 آفيسر شامل آهن هن چيو واٽر ڪارپوريشن جي ايڪٽ 2023 جي سيڪشن 14 (1) ۽ سيڪشن 7 (xiv) جي تحت ۽ ڊسيپلين آف سروسز جي قاعدن ۽ ضابطن جي تحت ڊپارٽمينٽل پروموشن سليڪشن ڪميٽي جي سفارشن تي ترقيون ڏنيون ويون آهن ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي ترقي جي عمل جي دوران سمورا فيصلا قانوني گهرجن کي پورو ڪندي شفاف طريقي سان ڪيا ان موقعي تي آفيسرن کي ترقيون ڏيڻ تي صدر انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن نديم احمد ڪرماني سميت ٻين عهديدارن ۽ آفيسرن ميئر ڪراچي ۽ ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن جو شڪريو ادا ڪيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے