مارچ 12, 2025

سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽورنٽو ميٽروپوليٽن يونيورسٽي جي وفد سان ملاقات ۽ ڪانفرنس ۾ سنڌ سرڪار ۽ ٽورنٽو ميٽروپوليٽن يونيورسٽي تعليمي شراڪتداري وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

ملاقات ۽ ڪانفرنس ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز عباس بلوچ، اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائس چانسلر سروش لوڌي سميت سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جا وائس چانسلر ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.

ٽورنٽو ميٽروپوليٽن يونيورسٽي جي وفد جي اڳواڻي صدر ۽ وائس چانسلر محمد لاشيمي ڪئي. اجلاس ۾ تعليمي سهڪار، تحقيقي شراڪتداري، ۽ سنڌ ۽ ڪئنيڊين ادارن جي وچ ۾ تعليمي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جي يونيورسٽين ۽ ادارن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ نهايت ضروري آهي، هي شراڪتداري قوم جي مستقبل جي تعمير ۽ نئين نسل کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت، صنعت، ۽ اڪيڊميا جي وچ ۾ وڇوٽيون گهٽائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، سڀ گڏجي هڪ ٻئي جي مهارتن ۽ وسيلن کي استعمال ڪندي جدت، معاشي ترقي، ۽ سماجي خوشحالي کي هٿي ڏئي سگهن ٿا.

شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو ته ٽورنٽو ميٽروپوليٽن يونيورسٽي، اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ سنڌ جي ٻين يونيورسٽين جي وچ ۾ شاگردن جي مٽا سٽا کي ھٿي ڏني ويندي. هن يقين ڏياريو ته سنڌ سرڪار تعليمي ادارن سان شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ۽ سندس ٽيم جي ڪم جي پڻ واکاڻ ڪئي.

ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ٽورنٽو ميٽروپوليٽن يونيورسٽي جي صدر ۽ وائس چانسلر محمد لاشيمي پنهنجي سنڌ جي دوري تي خوشي جو اظهار ڪندي تعليم جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي کي ساراهيو. هن چيو ته ٽورنٽو ميٽروپوليٽن يونيورسٽي سنڌ جي تعليمي ادارن سان گڏجي علمي سھڪار ۽ جدت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

هن يقين ڏياريو ته يونيورسٽي تحقيق، تدريسي پروگرامن، ۽ تعليمي موقعن کي وڌائڻ لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، ۽ بين الاقوامي تعاون ذريعي تعليمي ادارن ۾ معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معزز مهمانن کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پڻ پيش ڪيا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے