
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تحت سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڪراچي ۾ حادثن ۽ وڳوڙن جي واقعن بابت هڪ اهم ترين اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ گھرو معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي، اي اين پي جي اڳواڻ شاھي سيد، جماعت اسلامي ڪراچي جي نائب امير مسلم پرويز، متحدا اڳواڻن افتخار علام، طاھا حسين، جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق، ٽرانسپورٽرز ڊمپرز ايسو سي ايشن جي لياقت محسود، واٽر ٽينڪرز ايسو سي ايشن جي سردار عبدالحميد، ڪراچي گڊز جي محمد رمضان، غلام محمد آفريدي، الحاج يوسف خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ٿيل روڊ حادثن، ھيوي ٽرانسپورٽ جي وقت ۽ ٻين اھم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ ڪراچي ۾ جيل چورنگي واري علائقي ۾ گذريل رات ٿيل روڊ حادثي ۾ شھري جي فوت ٿيڻ ۽ اُن کان پوءِ پنجن گاڏين کي باھھ ڏيڻ تي افسوس جيو اظھار ڪيو ويو.
اجلاس کان پوءِ صوبائي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، متحدھ اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، اي اين پي اڳواڻ شاھي سيد، سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ۽ جماعت اسلامي جي نائب امير مسلم پرويز سان گڏ، گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ جي اجلاس جو مقصد حادثن ۽ واقعن کي روڪڻ لاءِ غور ويچار ڪرڻ هو، اجلاس ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز پنهنجو موقف رکيو ۽ ٽرانسپورٽرز به پنهنجا مسئلا ٻڌايا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اجلاس ۾ اسان سڀ هڪ ڳالهه تي متفق ٿي ويا آهيون ته حادثا ڪو سياسي اشو ناهي، پر اهو هڪ انتظامي مسئلو آهي، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي پڻ چيو آهي ته حادثا ڪو سياسي مسئلو ناهن.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪل هڪ ڊمپر جي ڪري حادثو پيش آيو جنهن تي وزير اعليٰ سنڌ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي اجلاس منعقد ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسان اتفاق ڪيو آھي ته حادثن تي سياسي بيان بازي نه ڪئي ويندي.
هن چيو ته اسان سڀ چاهيون ٿا ته ڪراچي شهر جو امن امان برقرار رهي. سياسي بيان بازي جو فائدو ڪا ٽئين قوت نه وٺي، اڄ جي ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته حادثن کي سياسي رنگ نه ڏنو ويندو ۽ سڀني مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪيو ويندو. اسان سڀ پاڪستاني آهيون، اسان سڀ کي گڏجي پنهنجو ملڪ ٺاهڻو آهي. ڪراچي شهر جا مسئلا حڪومت لاءِ بلڪل چيلينج آهن.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ هيوي ٽريفڪ ڪراچي ۾ هلندي آهي. اسان وٽ چيلينجز آهن پر حڪومت جي ذميواري آهي ته هڪ به حادثو نه ٿئي. هن ٽرانسپورٽرز کان پڻ چيو آهي ته اهي پنهنجن ڊرائيورن کي چون ته پنھنجون گاڏيون احتياط سان هلائين.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاڻي ڪو به تکا بيان نھ ڏيندو، گذريل ڏينھن 15 شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، عوام نفرتون پکڙيندڙن تي ڌيان نه ڏين.