مارچ 13, 2025

آڪاش انصاري، ڊاڪٽر: نامور شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو اصل نالو الله بخش انصاري آهي. هن 1956ع ۾ بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ لاڙ جي مقامي شاعر الهڏني بديڻوي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والده جنت خاتون پڻ هڪ لوڪ سگهڙ ۽ لطيف جي حافظه هئي.

ڊاڪٽر آڪاش پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ بدين ۾ ڪرڻ کان پوءِ ميڊيڪل سائنس ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان 1984ع ۾ حاصل ڪري، ڪجهه وقت بدين ۾ ڊاڪٽر طور پريڪٽس ڪئي.

هو ڪاليج واري زماني کان ئي قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشھور ٿي چُڪو هو. انهيءَ دور ۾ هن کاٻي ڌُر جي سياست ڪندي، عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور ڪم ڪيو.

ضياءَ جي مارشل لا ۾ قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس جيل به ڀوڳڻو پيو. اُن کانپوءِ جڏهن چئن پارٽين گڏجي ”عوامي نيشنل پارٽي“ (A.N.P) جو بنياد وڌو، ته ان ۾ عوامي تحريڪ به شامل هئي.

اي اين پي جو مرڪزي صدر خان عبدالولي خان ٿيو، جڏهن ته سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر آڪاش کي مقرر ڪيو ويو. هو 1992ع ۾ رسول بخش پليجي سان اختلاف ٿيڻ ڪري عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيو ۽ 1995ع کان صحافت ۾ قدم رکيائين.

هن روزاني ’سوال‘ اخبار شروع ڪئي، جنھن جو چيف ايڊيٽر هو پاڻ ۽ ايڊيٽر حسن درس ٿيو. اھا اخبار جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سن 2000ع ۾ بندش هيٺ آئي. 2002ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمنٽ ۾ ايم. اي ڪئي. 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما ڪري، بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ هڪ سماجي تنظيم ”بدين رورل ڊيولپمنٽ“ ٺاهي، ان طرفان ڪيترا ئي پراجيڪٽ ڪيائين.

هن جي ٺاهيل اسڪولن مان هن وقت ٻن اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جو درجو ملي چُڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”ڪيئن رهان جلاوطن (اٺ ايڊيشن)، ”اڌورا اڌورا“ (چار ايڊيشن) ڇپجي چُڪا آهن، جن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو: An Elegy for the brave heart of tomorrow (2022) جي عنوان سان ڊاڪٽر سحر گل ڪيو آهي. آڪاش انصاريءَ جا سوين قومي ۽ رومانوي گيت سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن راڳين ڳايا آهن.

آڪاش انصاريءَ 15 فيبروري 2025ع تي قاسم آباد حيدرآباد ۾ پنھنجي گهر کي باهه واري واقعي سبب لاڏاڻو ڪيو.

آڪاش انصاريءَ جي اوچتي لاڏاڻي تي ، پي ٽي وي ڪوئيٽا مرڪز جي ، سابق پروڊيوسر ، سنڌي ٻوليءَ سان گڏ ، اردو ٻوليءَ جي ڄاتل سڃاتل شاعر ، اطهر منگي ، آڪاش انصاري جي ، اوچتي لاڏاڻي تي ، چوڻ آھي تہ ، اڄ سنڌي ادب اداس ٿي ويو آھي !آڪاش انصاري جي شاعريء جا ھُونءَ تہ ڪيترائي رنگ آھن پر موجوده وقت ۾ ، سنڌي مزاحمتي شاعريء جو ، وڏو نانءُ ھئو ! سندس بي وقتائتو المناڪ لاڏاڻو ، سنڌي ادب ۽ سندس ڪٽنب لاءِ ھڪ سانحي کان گهٽ ناھي جنهن جي کوٽ جو پورائو مشڪل آھي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے