مارچ 27, 2025

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم جي الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آھي تھ ايم ڪيو ايم وارا پنھنجا اندروني تضادن تان عوامي ڌيان ھٽائڻ لاءِ الزامن جي سياست کيڏي رھيا آھن، نفرت جي سياست متحدھ کي تقسيم در تقسيم ڪري ڇڏيو پر ايم ڪيو ايم جا ليڊر اڃا بھ نھ پيا مـُڙن.
ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ متحدھ جا ليڊر رکي رکي نفرت، تعصب، تقسيم ۽ فريب جي سياست کي ھوا ڏيندا آھن، ڪراچي جو عوام ايم ڪيو ايم جي حقيقت ڄاڻي چُڪو آھي، ھاڻي اُھي ڪنھن جي ورغلائڻ ۾ اچڻ وارا ناھن.
ھن چيو تھ ڪراچي سمورن پاڪستانين جو شھر آھي، متحدھ ڪراچي جو ٺيڪيدار بڻجڻ کان پاسو ڪري، ڪراچي جا ٻار اسان جا بھ ٻار آھن، عوام ڄاڻي ٿو تھ ڪراچي جي ٻارن جي ھٿن ۾ ڪتاب بدران بندوق ڪنھن ڏني ھُئي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ايم ڪيو ايم ڪراچي تي ڏھاڪن تائين حڪمراني ڪندي رھي، اڄ حقن جي ڳالھھ پئي ڪري، سياسي مفادن جي لاءِ متحدھ ھر دور ۾ ڪراچي جي عوام جي جذبن جو بدتر استعمال ڪندي رھي آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے