مارچ 27, 2025

ڪراچي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي تہ صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي مطابق سنڌ حڪومت عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ بھتر قدم کڻي رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڏينهن رات مصروف آهي ڪراچي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جي کوٽ آهي جنھن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جي ھدايتن ۽ سنڌ حڪومت جي تعاون سان ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن ڇاڪاڻ تہ اسان جو مقصد شهر ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ آهي سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ نيڪالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن جنھن جي مڪمل ٿيڻ سان شهر ۾ ڪافي بهتري ايندي ۽ سنڌ حڪومت سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي جڏھن تہ وفاقي حڪومت کي گھرجي تہ اھي ڪي فور منصوبي کي فوري طور تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا فنڊ جاري ڪن تہ جيئن ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو جلدي حل ٿي سگهي اهڙن خيالن جو اظهار ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب نئين حب ڪينال جي تعمير ۽ پراڻي حب ڪينال جي بحالي واري منصوبي تي جاري ڪم جو معائنو ڪندي ڪيو دوري جي دوران ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر حب ڪينال سڪندر علي سميت ٻيا اعليٰ عملدار ساڻس گڏ هئا ميئر ڪراچي جو چوڻ هو تہ سنڌ حڪومت ڪراچي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي کي فوري طور تي وڌائڻ جي لاءِ نئين حب ڪينال جي تعمير ۽ پراڻي حب ڪينال جي بحالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي جنهن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي نئين حب ڪينال جي تعمير آگسٽ 2025 ۽ پراڻي حب ڪينال جي بحالي جو منصوبو ڊسمبر 2025 تائين مڪمل ڪيو ويندو حب ڪينال منصوبي ۾ حب پمپنگ اسٽيشن رائزنگ مين ۽ حب فلٽر پلانٽ کي 80 کان 100 ملين گيلن تائين اپ گريڊ ڪيو ويندو منصوبي جي لاڳت 12.72 ارب روپيا فڪس آھي جيڪا سنڌ حڪومت پاڻ ادا ڪري رهي آهي هن چيو حب ڪينال منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو وڏي حد تائين حل ٿي ويندو منصوبي سان ضلعي اولھ ۽ ڪياماڙي ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ نمايان بهتري ايندي ميئر ڪراچي چيو تہ منصوبي جو بنيادي مقصد ڪراچي ۾ پاڻي جي ورڇ واري نظام کي وڌيڪ بهتر ۽ پائيدار بڻائڻ آهي شهر ۾ پاڻي جي کوٽ کي گھٽ ڪرڻ جي لاءِ حب ڪينال منصوبو انتهائي اهم آهي ڇاڪاڻ تہ هي منصوبو شهرين لاءِ پاڻي جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي قابل ڪندو ميئر ڪراچي جو وڌيڪ چوڻ هو تہ اسان جو مقصد صرف شهر جي بهتري آهي پاڪستان پيپلز پارٽي عوام سان ڪيل هڪ ھڪ واعدو پورو ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت شهر ۾ روڊن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي سميت پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے