مارچ 28, 2025

*

هڪ پاسي واپڊا، پنجاب جي آبپاشي کاتي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ

جي حامين جو ضد آهي ته ملڪ ۾ تمام گهڻو پاڻي زيان ٿي سمنڊ ڏانهن وهي وڃي ٿو. جنهنکي روڪي/ موڙي چولستان جي ريگستان کي آباد ڪيو ويندو ته ٻئي پاسي ملڪ ۾ هلندڙ سوڪهڙي جي سخت لهر واڌو پاڻيءَ جي دعوائن اڳيان سواليه نشان اٿاري رهي آهي. گذريل نومبر کان ملڪ ۾ مينهن ۽ برفباريءَ جي رواجي وسڪارن جي ڀيٽ ۾ ايتري گهٽتائي آئي آهي جو لڳي ٿو ته ملڪ ۾ واڌو پاڻي ته ڇا رڳو گذر سفر جيترو پاڻي به ملڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. موسميات کاتي پاران ڊسمبر 2024ع ۽ جنوري 2025ع ۾ پيل مينهن جا تفصيل هتي ڏنل جدول ۾ پڙهي اندازو لڳايو ته ايندڙ خريف جي مند ۾ پاڻيءَ جي صورتحال ڪهڙي بيهندي. ان جدول کي ڏسي صاف نظر ٿو اچي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ته ڄڻ ڇڻڪار جيترو مينهن پيو آهي.هاڻي اچو ته هتي ڏنل برف جي وسڪاري بابت گراف کي غور سان ڏسون. هن گراف ۾ آڪٽوبر کان مارچ جي مهينن ۾ ملڪ اندر پوندڙ برف جي وسڪاري جا انگ 25-2024ع تائين ڏنل آهن، انهن ورهين دوران ملڪ ۾ سراسري طور 7. 49 انچ برف پوندي رهي آهي. گراف کي غور سان ڏسڻ سان پتو پئي ٿو ته 20 مان 10 سال اهڙا آهن، جن ۾ برف سراسري وسڪاري کان گهٽ پئي آهي. گذريل پنجن ورهين ۾ لڳاتار برف سالياني سراسري وهڪري کان گهٽ وسي آهي. هن سال، هي مضمون لکڻ تائين 13 انچ برف رڪارڊ ٿي آهي، جيڪا سراسري سالياني وسڪاري جو چوٿون حصو مس بيهي ٿو. اڃا فيبروريءَ جا ٽي هفتا ۽ مارچ جو سڄو مهينو رهيل آهي، جنهن دوران انهن انگن ۾ ڪجهه بهتري اچي سگهي ٿي. پر في الحال صورتحال سخت سوڪهڙي واري نظر اچي ٿي.ان کان اڳ موسميات کاتي پاران پهرين فيبروريءَ تي هڪ نقشو پڌرو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پهرين سيپٽمبر 2024ع کان 31 جنوري 2025ع وارن پنجن مهينن جي ڦير گهير کي ظاهر ڪيو ويو هو. ان نقشي ۾ ظاهر ڪيو ويو ته ملڪ جي اترين علائقن ۾ برف ۽ مينهن جي وسڪاري ۾ 100 کان 250 ملي ميٽر گهٽائي ٿي آهي. ياد رهي ته ملڪ جي اترين علائقن ۾ گلگت، هنزا، اسڪردو ۽ چترال جي علائقن ۾ ٿيندڙ برفباريءَ جو ايندڙ خريف ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن سان گهرو ڳانڍاپو آهي.ملٽي ڊسپلنري ڊجيٽل پبلشنگ انسٽيٽيوٽ MDPI) ) جي ويب سائيٽ تي موجود هڪ تحقيقي پيپر Snowmelt and snow sublimation in the Indus basin: by Simon Gascoin ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌو طاس جي مٿين علائقن جي برف/ مينهن وسڪاري جي 2001ع کان 2014ع دوران ڪيل مشاهدي موجب پاڻيءَ جي وهڪرن جو 74 سيڪڙو برف جي رجڻ سان پيدا ٿئي ٿو، جڏهن ته 23 سيڪڙو وهڪرا مينهن وسڻ ۽ رڳو ٽي سيڪڙو برفاني جبل (گليشيئر) رجڻ سان پيدا ٿين ٿا. مختلف تحقيقي مقالا ان ڏس ۾ مختلف انگ ڏين ٿا پر انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي ته سنڌو طاس ۾ برف ۽ مينهن جي وسڪاري سان لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو وهڪرا پيدا ٿين ٿا. ٻين لفظن ۾ ته ملڪ جي اترين علائقن ۾ برفباري يا مينهن گهٽ وسڻ جو اونهاري ۾ سنڌو درياهه جي وهڪرن سان سڌو ڳانڍاپو آهي. ان صورتحال ۾ ڊسمبر کان فيبروريءَ تائين گهٽ برف وسڻ سان اهو انديشو رهندو ته نه رڳو آڳاٽي خريف ۾ سنڌو درياهه ۾ گهٽ پاڻي ايندو پر ان کان پوءِ به سنڌو درياهه جا وهڪرا رواجي وهڪرن کان گهٽ رهندا. ان صورتحال ۾ رڳو ٻن حالتن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. هڪ ته، فيبروريءَ کان اپريل واري ٽه ماهيءَ ۾ موسم ڦيرو کائي ۽ گهڻي برف باري ٿئي، يا وري جولاءِ-آگسٽ ۾ وڏا مينهن وسن.هن وقت تائين جي وسڪارن جي انگن اکرن کي ڏسندي موسميات کاتي پاران 21 هين جنوريءَ تي ملڪ ۾ سوڪهڙي واري صورتحال جو چتاءُ جاري ڪيو ويو آهي. ان پڌرائيءَ موجب پهرين سيپٽمبر 2024ع کان 15 جنوري 2025ع واري عرصي دوران ملڪ ۾ رواجي وسڪارن جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو گهٽ مينهن وسيو آهي. انهن مهينن دوران سنڌ ۾ 52 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 45 سيڪڙو، خيبر پختونخواه ۾ 29 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 42 سيڪڙو گهٽ مينهن وسيو آهي. ان پڌرائيءَ ۾ ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ سوڪهڙي ۽ آبي عدم توازن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. صوبي وار سوڪهڙي وارن ضلعن جا وچور هن ريت آهن:1. سنڌ: گهوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، دادو، نوشهروفيروز، (پڊعيدن)، سکر، خيرپور، ٿرپارڪر، حيدرآباد، ٺٽو، بدين ۽ ڪراچي.2. بلوچستان: اورماڙو، خاران، تربت، ڪيچ، پنجگور، آواران، لسٻيلو، نوڪنڊي، دالبندين ۽ آس پاس جا علائقا.3. پنجاب: پوٽوهار، ريجن (اٽڪ، چڪوا، راولپنڊي/اسلام آباد) بکر، ليا، ملتان، راڄڻپور، بهاول نگر، بهاولپور، فيصل آباد، سرگوڌا، خوشاب، ميانوالي ۽ ڊيرا غازي خان.ان پڌرائيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جنوريءَ کان مارچ دوران ان صورتحال ۾ وڌيڪ خرابي ايندي، ڇو ته انهن مهينن ۾ به سوڪهڙو جاري رهڻ سان گڏ گرميءَ پد به وڌندو. ان سان هن وقت هلندڙ هلڪو سوڪهڙو Mild drought))وچولي سوڪهڙي (Moderatedrought) ۾ بدلجي سگهي ٿو.فرض ڪريو ته فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ به ان اڳڪٿيءَ موجب برفباري ۽ بارشون نه ٿيون ٿين، ته پوءِ ملڪ جي اترين علائقن مان سنڌو درياهه ۾ وهڪرا به ان حساب سان گهٽ ٿيندا. سنڌ ۾ اپريل کان خريف جي شروعات ٿي ويندي آهي ۽ فصلن کي پوکيءَ لاءِ پاڻيءَ جي گهرج هوندي آهي. اپريل ۾ پاڻيءَ ٺاهه موجب سنڌ جي بئراجن کي 41 هزار ڪيوسڪ تائين پاڻيءَ جي گهرج هوندي آهي. مئي ۾ اهو مقدار وڌي 77 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي ويندو آهي. هن وقت تربيلا ۾ اٽڪل 11 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي ۽ 46 هزار ڪيوسڪ نيڪال ٿي سنڌو درياهه ۾ اچي رهيو آهي. ربيع ۾ ڊيم ۾ ڪٺو ٿيل پاڻي ئي استعمال ڪيو ويندو آهي. هن وقت تربيلا ۾ لڳ ڀڳ 60 فوٽ پاڻي موجود آهي، هڪ هفتي اندر ڊيم جي سطح ۾ 10 فٽن جي لاٿ آئي آهي. ان لاٿ جو سبب اهو آهي جو سنڌو طاس جي مٿانهن علائقن ۾ رواجي وسڪارن کان گهڻو گهٽ مينهن وسيو آهي.تربيلا ۾ پاڻيءَ جي آمد ۾ واڌ تڏهن ئي ٿي سگهندي، جڏهن مٿين علائقن ۾ سٺا مينهن وسندا. ساڳيءَ طرح اپريل/ مئي کان پوءِ تربيلا ۾ نيڪاليءَ کان وڌيڪ پاڻي تڏهن اچي سگهندو جڏهن فيبرويءَ ۽ مارچ ۾ گلگت، چترال ۽ اسڪردو جي علائقن ۾ برف جو سٺو وسڪارو ٿئي جيڪا اپريل کان پوءِ گرمي پد وڌڻ سان ڳري سنڌوءَ جا وهڪرا ٺاهي.ٿورن لفطن ۾ ائين چئجي ته موسم جو هينئر تائين وارو ورتاءُ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. درياهي وهڪرن جي اهڙي حالت ۾ سنڌوءَ مٿان نوان واهه ٺاهڻ ۽ لکين ايڪڙن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جا سانباها ڪرڻ ڪهڙيءُ به طرح عقلمندي ناهي. ياد رهي ته پنجاب جڏهن گذريل سال جنوريءَ ۾ ارسا کان چولستان ڪينال لاءِ پاڻي موجود هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ورتو هو، ته ان ۾ چولستان واھ کي فلڊ ڪئنال ظاهر ڪيو ويو هو. سنڌ کي هن قسم جي سوڪهڙي وارن سالن تي ئي ڳڻتي آهي ته هن قسم جي صورتحال ۾ انهن واهن لاءِ پاڻي ڪٿان مهيا ٿيندو. ياد رهي ته انڊس رور سسٽم ۾ سوڪهڙي وارن سالن جي ڦيرن ۾ تيزي اچي رهي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے