مارچ 27, 2025

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين اپ گريڊ ٿيل نيشنل بينڪ اسٽيڊيم جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن کي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي تياري لاءِ ٺاهيو ويو آهي. تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري جي نمائندگي ڪندي وڏي وزير پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي تعريف ڪئي ته هن رڪارڊ وقت ۾ مرمت مڪمل ڪئي آهي. تقريب ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ ٻين ڪيترن ئي معززين شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر ۾ راندين جي فروغ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته سنڌ حڪومت شهر ۾ راندين جي سرگرمين لاءِ بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن سنڌ حڪومت جي گذريل ڪوششن کي ياد ڪندي 2018 ۾ نيشنل اسٽيڊيم کي پاڪستان سپر ليگ جي ميچن لاءِ مڪمل طور تيار ڪرڻ لاءِ ان کي اپ گريڊيشن ڪيو. هن ڪراچي جي ڪرڪيٽ واري جذبي تي زور ڏيندي خاطري ڪرائي ته سندس حڪومت هر سطح تي راندين جي سپورٽ جاري رکندي. هن زور ڏنو ته اسان ڪراچي ۾ راندين جون سرگرميون بحال ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. وڏي وزير، آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي منتظر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي اميد آهي ته اسان جا رانديگر شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندا. هن آخر ۾ چيو ته کٽڻ ۽ هارائڻ راند جو حصو آهن پر اسان کي هميشه ميدان ۾ وڙهڻ وارو جذبو رکڻ گهرجي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے