مارچ 27, 2025

ڊائريڪٽر جنرل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ ذوالفقار علي شيخ پاران حيدرآباد زون جي مختلف ضلعن جو دورو ڪندي ادائيگي مرڪزن، ڊائنامڪ رجسٽريشن ۽ نشونما سينٽرن جو معائنو ڪيو ويو

ڊي جي سنڌ پاران حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين علائقن جي مختلف پيمينٽ سينٽرن جو دورو ڪري مستحق عورتن جا مسئلا ٻڌا ۽ ان جي فوري حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون.

بينظير ڪفالت ۽ تعليمي وظيفن جي تقسيم صاف ۽ شفاف طريقي سان يقيني بڻائي وڃي. ڊي جي سنڌ

ٽي ماهي وظيفن مان ڪٽوتي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٽه ماهي وظيفن حاصل ڪندڙ سڀني عورتن سان پيار، شفقت ۽ احترام سان سلوڪ ڪيو وڃي. ڊي جي بي آءِ ايس پي
حيدرآباد ۾ ڊي جي بي آءِ ايس پي قاسم آباد، لطيف آباد ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي مختلف پیمنٽ مرڪزن ۽ اسڪولن جو دورو ڪري تعليمي وظيفن مان فائدو حاصل ڪندڙن ٻارن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ڊي جي سنڌ پاران نشونما مرڪزن تي موجود عملي جي حاضري چيڪ ڪئي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو

ڊي جي سنڌ نشونما سينٽرن جي آفيسرن عملي تي زور ڀريو ته هو ڳورهاري عورتن کي غذائي کوٽ بابت موثر سيشن ڏين

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے