
چيئرمين اسٽيوٽا جنيد بلند جي صدارت هيٺ ڪاٽي جو اهم اجلاس، صنعتن ۾ ماھرن جي ضرورت ۽ تربيتي پروگرامن تي خيالن جي ڏي وٺ
ڪراچي، سنڌ جي وڏي وزير جي معاون خاص ۽ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) جي چيئرپرسن جنيد بلند جي صدارت هيٺ ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز (ڪاٽي) جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪاٽي جي صدر جنيد نقي سميت مختلف صنعتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صنعتڪارن تربيت يافتہ ماڻھن جي کوٽ ۽ ٽيڪنيڪل تعليم کي صنعتن جي ضرورتن مطابق ترتيب ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ ڪاٽي جي نمائندن اسٽيوٽا سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سهڪار وڌائڻ جو عزم پڻ ظاهر ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪندي چيئرمين اسٽيوٽا جنيد بلند چيو ته حڪومت صنعتڪارن سان گڏ بيٺل آھي، ۽ انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن نوجوانن کي جديد صنعتن ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ته مينوفيڪچرنگ، انجنيئرنگ، ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ هُنر مند افرادي قوت جي کوٽ کي جلد پورو ڪيو ويندو. چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن مطابق اسٽيوٽا جي تربيتي ڪورسز کي صنعتن جي بدلجندڙ ضرورتن مطابق ترتيب ڏنو ويندو، ته جيئن نوجوانن کي عملي ميدان ۾ بهتر موقعا ملي سگهن. جنيد بلند ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته نوجوانن کي ووڪيشنل ٽريننگ فراهم ڪرڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن هو، جنهن کي بلاول ڀٽو زرداري اڳتي وڌائي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جو منشور آهي ته ملڪ جو هر شهري تربيت يافتہ ٿي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي

اسٽييوٽا جي سڀني ادارن جا دورا شروع ڪيا ويا آهن، ۽ ايندڙ وقت ۾ عوام کي انهن ۾ بهتري نظر ايندي. اجلاس ۾ اسٽييوٽا ۽ ڪاٽي جي وچ ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو، ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تربيتي مرڪز قائم ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو. صدر ڪاٽي جنيد نقي چيئرمين اسٽييوٽا کي تفصيلي بريفنگ ڏني، ۽ آخر ۾ يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي.