مارچ 12, 2025

حيدرآباد 26هين آئيني ترميم خلاف پر امن احتجاج ڪندڙ وڪيلن مٿان پوليس تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پيلجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پر امن احتجاج عوام جو بنيادي آئيني حق آهي، اتحادي سرڪار ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهي، پرامن احتجاجن تي تشدد ڪري رهي آهي، پوليس جي غير آئيني ۽ غير انساني تشدد کان وڪيل به محفوظ ناهن، عدليا کي قيد ڪري ملڪ ۾ انتشار ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ججن جي مقرري جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪري آڱوٺي ڇاپ وڏيرن کي جج مقرر ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وارا سياسي بنيادن تي ججن جون ڀرتيون ڪري رهيا آهن، اتحادي سرڪار جي هن عمل سبب ٿاڻن جيان عدالتون به وڏيرن جون اوطاقون بڻجي وينديون. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته 26هين آئيني ترميم فوري طور ختم ڪري عدليا جي آزادي يقيني بڻائي وڃي، ان سان گڏ وڪيلن تي تشدد ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ عملدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي.
مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري عوامي تحريڪ

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے