مارچ 12, 2025

ڪراچي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي تہ ڪراچي کي آئي سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جو حصو بڻجڻ تي اسان کي تمام گهڻو فخر آهي ۽ ميزبان شهر جي حيثيت سان ڪراچي پنهنجي ڪرڪيٽ جي بنيادي ڍانچي ۽ سڄي دُنيا جي ٽيمن سميت مداحن جي مهمان نوازي ڪرڻ جي لاءِ اسين مڪمل طور تي تيار آهيون هن چيو تہ شهر جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر جي حيثيت سان اسين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان مڪمل تعاون ڪري رھيا آھيون جڏهن تہ چيمپيئنز ٽرافي جي دوران پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي خدمتن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسين پرعزم آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جا مختلف ادارا بشمول ڪي ايم سي ۽ واٽر ڪارپوريشن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن تہ جيئن هن بين الاقوامي ايونٽ کي ڪامياب ۽ يادگار رکي سگھجي هن چيو تہ اسان کي هن باوقار بين الاقوامي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ميزباني ڪرڻ تي فخر آهي ۽ پي سي بي اختيارين سميت چيمپيئنز ٽرافي ۾ حصو وٺندڙ سمورين ٽيمن ۽ مداحن کي يقين ڏياريون ٿا تہ اسين توهان کي هڪ آرامده ۽ خوشگوار ماحول کي يقيني بڻائيندي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر خدمتون فراهم ڪنداسين ميئر ڪراچي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪراچي کي ڏيڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو شڪريو ادا ڪندي چيو تہ ڪراچي ۾ چيمپيئنز ٽرافي جو انعقاد عالمي سطح تي ڪرڪيٽ جي لاءِ هڪ سٺو پيغام آهي ٻئي طرف ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ جي هدايتن تي ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسد الله خان آئي سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي حوالي سان نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي انتظامن بابت ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون ان ڏس ۾ ايس او ٽو ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن سردار شاھ خط جاري ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي چيو تہ چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۽ ان جي آس پاس ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل ڪيا وڃن ۽ سموريون شڪايتون مڪمل طور تي ختم ڪيون وڃن فوڪل پرسن برائي هائيڊرنٽس سيل شھباز بشير سمورن جڏھن تہ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ورڪشاپ شفقت حسين ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر سيوريج وقار احمد نيڪالي جي انتظامن جي نگراني ڪندا ان کان علاوه چيمپيئنز ٽرافي جي دوران اسٽيڊيم ۾ مفت واٽر ٽينڪرز فراهم ڪيا ويندا ۽ اسٽيڊيم اندر واٽر ٽينڪرز جيٽنگ ۽ سڪشن مشينون موجود رھنديون جڏھن تہ ڪنهن بہ شڪايت يا هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن جو عملو اسٽيڊيم ۾ موجود رھندو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے