
ڪراچي
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي، سنڌ روڊ سيفٽي ڪميٽي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائيون جاري رکندي اثرائتو آپريشن ڪيو، جنهن دوران 92 گاڏين جي جاچ ڪئي وئي، 44 گاڏين کي چالان ڪيو ويو، جڏهن ته 7 گاڏين کي تحويل ۾ وٺي، هڪ ڊرائيور کي به گرفتار ڪيو ويو. ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي مجموعي طور 3,34,360 رپيا ڏنڊ لڳايو ويو.
سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽريفڪ قانونن جي نفاذ کي وڌيڪ سخت ڪيو پيو وڃي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف بنا فرق ڪارروائيون جاري آهن، روڊن تي بدنظمي ۽ غير قانوني گاڏيون برداشت نه ڪيون وينديون.
هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حفاظت اسان جي پهرين ترجيح آهي، جيڪو به قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندو، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. روڊن کي محفوظ بڻائڻ ۽ حادثن جي روڪٿام لاءِ هي مهم جاري رهندي.