
ڪراچي
سنڌ سرڪار سڄي صوبي ۾ روڊن تي حفاظتي قانونن تي عملدرآمد لاءِ روڊ چيڪنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. روڊ چيڪنگ ڪميٽي واپاري گاڏين، ڊمپرز، ۽ واٽر ٽينڪرن جي نگراني ڪندي.
صوبائي ٽرانسپورٽ اٿارٽي جو سيڪريٽري روڊ چيڪنگ ڪميٽي جو سربراھھ ھوندو، جڏهن ته سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ڪراچي، ٽريفڪ پوليس جا نمائندا، ۽ ايم وي آءِ ونگ جا ٽي موٽر وهيڪل انسپيڪٽر به ڪميٽي ۾ شامل هوندا۔
ڪميٽي جون ذميوارين ۾ تجارتي گاڏين جا ضروري ڪاغذ، جيئن رجسٽريشن بُڪ، روٽ پرمٽ، فٽنيس سرٽيفڪيٽ، ۽ ڊرائيونگ لائسنس جي جانچ ڪرڻ شامل آهن. اوور لوڊنگ، اوور اسپيڊنگ ۽ ٻين ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي کي روڪڻ لاءِ مخصوص روڊن تي چيڪنگ پڻ ڪئي ويندي.
سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته روڊن تي شهرين جي حفاظت ۽ سندن فلاح ۽ بهبود سنڌ سرڪار جي پھرين اوليت آهي.
هن چيو ته انساني حياتين کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي کي برداشت نه ڪيو ويندو، حڪومتي قدمن جو مقصد ٽريفڪ قانونن تي اثرائتي نموني عمل ڪرائي روڊن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ آهي.