فروری 3, 2025

ڪراچي
سنڌ حڪومت جي زراعت کاتي جي 110 آفيسرن کي گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقيون ڏنيون ويون.


ڪراچي 03 فيبروري 2025: سنڌ حڪومت جي زراعت کاتي جي 110 آفيسرن کي گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقيون ڏنيون ويون. ان حوالي سان زراعت کاتي جي سيڪريٽري جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس منعقد ٿيو،

جنهن ۾ گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقي حاصل ڪرڻ وارن ۾ سنڌ جي زراعت کاتي جا 104 زرعي آفيسر، 2 پلاننگ آفيسر، 1 ريسرچ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ٻيا شامل آهن.

ان موقعي تي زراعت کاتي جي سيڪريٽري سهيل احمد قريشي آفيسرن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته زراعت کاتي جي وزير سردار محمد بخش مهر جي هدايتن تي، سنڌ جي زراعت کاتي ڪجهه مهينن ۾ 500 کان وڌيڪ آفيسرن کي ترقي ڏني آهي. آفيسرن جي وقت تي ترقي نه صرف انهن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو پر کاتي جي ڪارڪردگي کي به بهتر بڻائي ٿو.

جڏهن آفيسرن کي وقت تي ترقي ملندي آهي، ته اهي وڌيڪ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪندا آهن، جنهن سان کاتي جي ترقي ۾ مدد ملندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته خالي پوسٽن کي وقت تي ڀرڻ ضروري آهي

ته جيئن ترقياتي عمل ۾ ڪا به رڪاوٽ پيش نه اچي، کاتي جي قاعدن ۽ ضابطن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿئي، زراعت کاتي جي آفيسرن هارين لاءِ هڪ اهم ذريعا آهن جيڪي انهن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مدد ڪندا آهن

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے