فروری 3, 2025

ڪراچي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻيو اهم قدم کڻندي واٽر ڪارپوريشن جي خاص رعايتي پاليسي ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

جنهن کانپوءِ واٽر ڪارپوريشن پنهنجي سمورن ريٽيل صارفين جي

بلن جي بقايائن جي ادائيگي لاءِ رعايتي اسڪيم کي 3 مهينن جي وڌيڪ عرصي جي لاءِ 30 اپريل 2025 تائين واڌارو ڪري ڇڏيو ان حوالي سان ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو تہ رعايتي پاليسي جو بنيادي مقصد شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ڇاڪاڻ تہ پاليسي جي تحت شهرين کي آسان قسطن ۾ واٽر ڪارپوريشن جون بقايائون جمع ڪرائڻ جو موقعو ملندو هن شھرين کي درخواست ڪندي چيو تہ اھي هن مهم مان ڀرپور فائدو وٺندي واٽر ڪارپوريشن جون بقايائون بروقت ادا ڪن جنهن سان واٽر ڪارپوريشن جي آمدني ۾ اضافو ٿيڻ جي صورت ۾ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي

۽ ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت پاران ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ميئر ڪراچي جي ھدايتن تحت وٽر ڪارپوريشن پنھجي سمورن ريٽيل صارفين کي بهتر سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ رعايتي پاليسي جي مدي کي وڌايو آھي ڇاڪاڻ تہ ھن رعايتي پاليسي تحت وٽر ڪارپوريشن جي انھن سمورن ريٽيل صارفين کي فائدو ٿيندو جن اڃا تائين واٽر ڪارپوريشن جون بقايائون ادا نہ ڪيون آھن

جڏھن تہ پاليسي جي تحت سمورن ريٽيل صارفين کي سندن بقايائون ادا ڪرائڻ لاءِ رعايت سان گڏوگڏ آسان قسطن جي سهولت پڻ فراهم ڪئي ويندي ۽ سمورا ريٽيل صارفين اگر پنھنجون سموريون بقايائون يڪمشت ادا ڪندا تہ انھن کي 35 سيڪڙو 6 مهينن اندر ادائيگيون ڪرڻ واري کي 25 سيڪڙو 9 مهينن ۾ 20 سيڪڙو ھڪ سال ۾ 15 سيڪڙو ۽ 15 مهينن ۾ پنھنجي بقايائون جمع ڪرائڻ واري کي 10 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي انڪري عوام کي گذارش آهي تہ ھن رعايتي پاليسي مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪن ڇاڪاڻ تہ مقرر تاريخ کانپوء بقايائون ادا نہ ڪندڙن جي خلاف واٽر ڪارپوريشن جي نئين ايڪٽ جي سيڪشن 40 تحت سخت ڪارروائيون ڪيون وينديون واضح رهي تہ گذريل 3 مهينن ۾ رعايتي پاليسي سان واٽر ڪارپوريشن جي آمدني ۾ هر مهيني 20 ڪروڙ روپين جو اضافو ٿيو ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ صارفين پنهنجا رعايتي بل حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڊپٽي ڊائريڪٽرز ٽيڪس جي آفيس سان رابطو ڪن ۽ ڪنهن بہ قسم جي شڪايت يا وڌيڪ معلومات جي لاء هيلپ لائن نمبر 1334 تي رابطو ڪري سگھن ٿا.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے