فروری 3, 2025

سنڌ حڪومت پاران هر سال سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيز ۾ اعليٰ تعليم لاءِ ساڍن ست هزار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي: سيد سردار علي شاهه

ڪراچي (2 فيبروري 2025) سنڌ جي تعليم ۽ معدني وسيلن جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف قدمن تحت سهولتون مهيا ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته هر سال سنڌ جي ساڍن ست هزار نوجونن کي سرڪاري اسڪالرشپس تحت ملڪ جي بهترين يونيورسٽيز مان اعليٰ تعليم حاصل جو موقعو فراھم ڪري رهيا آهيون. سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ طرفان مليل اسڪالرشپس سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيز ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنيون وينديون آهن، جيڪي محنتي ۽ ضرورت مند شاگردن لاءِ موقعا فراهم ڪن ٿيون ته جيئن هو پنهنجي قابليتن جو مڃرائي سگهن.

اها ڳالهه هن اڄ بحريه يونيورسٽي ڪراچي ڪيمپس جي 20هين ڪانووڪيشن جي موقعي تي خاص مهمان طور شرڪت ڪندي پنهنجي خطاب دوران ڪئي. بحريه يونيورسٽي ڪراچي ڪيمپس طرفان پاڪستان نيوي اسڪول آف لاجسٽڪس جي سهڪار سان 20هون ڪانووڪيشن شاندار نموني سان ميرٽائم ميوزيم جي ڪنوينشن هال ۾ منعقد ڪيو ويو، ٻه سيشنن تي مشتمل هن ڪانووڪيشن ۾ يونيورسٽي جي شاگردن، فارغ التحصيل شاگردن، انهن جي والدين، ۽ استادن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين، انجنيئر وسيم نذير پي ايڇ ڊي، پوسٽ گريجوئيٽ، ۽ انڊر گريجوئيٽ پروگرامن جي فارغ التحصيل شاگردن ۾ ڊگريون ورھايون.

صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته علم جو اصل سفر عمل سان شروع ٿئي ٿو، هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي صلاحيتن کي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ به استعمال ڪن. هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ ملڪ ۾ صوبائي حڪومت طرفان ڏنل واحد اسڪالرشپ سسٽم آهي، جنهن جي ذريعي ملڪ جي مختلف يونيورسٽيز ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ملن ٿا، ۽ اهي اسڪالرشپس بحريه يونيورسٽي لاءِ به دستياب آهن جنھن ۾ پڻ اضافو ڪيو ويندو، ته جيئن حڪومت پاران ضرورت مند ۽ محنتي شاگردن لاءِ سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيز ۾ برابر موقعا مهيا ڏيئي سگھجن.

صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه پاڪستان نيوي جي ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت بابت خدمتن کي به ساراهيو ۽ چيو ته قومي ادارا تعليم جي ميدان ۾ به پنهنجي خدمتن جي ذريعي اعليٰ مقصدن کي حاصل ڪري رهيا آهن. هن استقامت ۽ مسلسل سکڻ جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته سکڻ جو سفر صرف ڪلاس روم تائين محدود ناهي، پر زندگي جي هر شعبي ۾ جاري رهڻ گهرجي.

بحريه يونيورسٽي جي ريڪٽر، وائيس ايڊمرل (ريٽائرڊ) آصف خالق، ھلال امتياز (ملٽري) پنهنجي استقباليه خطاب ۾ خاص مهمانن جا ٿورا مڃيا ته هنن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن جي ڪاميابين کي ساراهيندي کين اعتماد سان پنهنجي مستقبل جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ جي تلقين ڪئي. جڏھن ته هن بحريه يونيورسٽي جي علمي برتري ۽ جديد عالمي لاڙن، خاص طور تي مصنوعي ذهانت (AI) کي اپنائڻ جي عزم تي به روشني وڌي. ريڪٽر يونيورسٽي جي انتظاميه، فئڪلٽي، ۽ عملي جي انتھڪ محنت جي به واکاڻ ڪئي، جن ملڪ جي نوجوانن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پنهنجي خطاب دوران انجنيئر وسيم نذير فارغ ٿيندڙ شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو، “بحريه يونيورسٽي جا هي فارغ التحصيل شاگرد روشن مستقبل جا علمبردار آهن، جيڪي علم، مهارت، ۽ اعليٰ قدرن سان ليس ٿي ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا.”

تقريب دوران مختلف شعبن جي 1,791 شاگردن کي سندون ڏنيون ويون، جن ۾ 11 پي ايڇ ڊي ڊگريون به شامل هيون. جڏھن ته مينيجمينٽ اسٽڊيز، بزنس اسٽڊي، هيومينيٽيز اينڊ سوشيل سائنسز، ڪمپيوٽر سائنسز، ارتھ اينڊ انوائرومينٽل سائنسز،ميرٽائم سائنسز، اليڪٽرڪ انجنيئرنگ، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر انجنيئرنگ، ميڊيا اسٽڊيز، پروفيشنل سائڪالاجي ماسٽر ڊگري مڪمل ڪندڙ شاگردن کي به ڊگريون ڏنيون ويون. ان کان علاوه، شاندار تعليمي ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ 46 گولڊ ميڊل ۽ 42 سلور ميڊل نمايان شاگردن کي ڏنا ويا. خاص مهمانن فارغ التحصيل شاگردن جي محنت ۽ لگن کي ساراهيندي کين تلقين ڪئي ته هو سماج ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے