فروری 12, 2025


عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب جي 95هين سالگره، عوامي تحريڪ طرفان حيدرآباد، دادو، بدين، ميرپور خاص، جهڏو، واهي پانڌي، نصير آباد، ٿرپارڪر سميت سموري سنڌ ۾ سالگرہ تقريبون منعقد ڪيون ويون.


حيدرآباد، ملير، مٺي، ميهڙ سميت مختلف بار ايسوسيئيشنس ۾ به سالگرہ تقريبون منعقد ڪري ايشيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجي صاحب کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
دادو ايشيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ، عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب جي 95هين سالگره جي مناسبت سان عوامي تحريڪ تعلقي دادو طرفان ڀنڊ هائوس دادو ۾ سالگرہ تقریب منعقد ڪئي وئي. سنڌو درياهه ما ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪاڇي جي زمينن تي قبضي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏيڻ بدران مقامي بي زمين هارين کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، گلڻ ڀنڊ، ممتاز ڀنڊ، عاطف ملاح، رياض پيچوهو، عابد ڀنڊ، گلشير رستماڻي، يونس لاشاري، ڪاشف سولنگي، شمن دايو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجو صاحب سنڌو درياهه جو وڪيل هو، سنڌو درياهه جا وهڪرا روان دوان رکڻ لاءِ هن سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سجاڳي ڦهلائي، ڪالا باغ ڊيم خلاف ۽ ٻين اهم مسئلن تي پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ لانگ مارچون ڪيون،

اڳواڻن چيو ته پليجو صاحب سنڌ جو محافظ هو، هن سنڌو درياهه جو شاندار ڪيس وڙهيو، پليجي صاحب سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ گهڻ طرفي جدوجهد ڪئي، اڄ به هن جون تقريرون ۽ لکڻيون سنڌي عوام کي همٿ ۽ حوصلو ڏئي رهيون آهن، اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجي صاحب جو فڪر سنڌي عوام لاءِ نجات جو فڪر آهي. پليجي صاحب جي جوڙيل عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سنڌ جي اهم مسئلن تي پليجي صاحب جيان جدوجهد ۾ سڀ کان اڳڀري آهي. عوام جي جدوجهد جي صورت ۾ رسول بخش پليجو اڄ به زنده آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا سنڌي عوام ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، ڇهه نون ڪئنال سنڌو درياهه سڪائڻ جي سازش آهن، پيپلز پارٽي هن سازش ۾ وفاقي سرڪار سان ڀاڱي ڀائيوار آهي،

ڪرائيم پارٽنر آهي، صدر زرداري ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري ڏئي آئين ٽوڙيو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا ختم ڪري سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏنل سنڌ جون زمينون واپس وٺي، زمينون مقامي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن.


ملير عوامي لائيرز فورم طرفان ملير بار ايسوسيئيشن ۾ ايشيا جي مفڪر، لطيف جي پارکو، ڪوٽ لکپت جي فاتح، سنڌو درياهه جي قومي وڪيل عوامي تحريڪ جي سربراهه محترم رسول بخش پليجي صاحب جي 95هين سالگره ملهائي وئي.

سالگره تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر نويد عباس ڪلهوڙو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ پرهه سومرو، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، مختيار بڪاري، اعجاز چانڊيو،  ملير بار ايسوسيئيشن جي ٽريزرار ايڊووڪيٽ عاصمه محسن، ايڊووڪيٽ رستم ميراڻي، عوامي لائرز فورم صدر ضلعي ملير عبدالرزاق سولنگي، ايڊووڪيٽ عادل اعواڻ، ايڊووڪيٽ ناصر رضا رند، ايڊووڪيٽ فقير محمد تنيو، ايڊووڪيٽ شميم اقبال سومرو، ايڊووڪيٽ لطف الله سيلرو ۽ ايڊووڪيٽ ساک سنڌو چيو ته عدليا جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾ رسول بخش پليجي صاحب جو تمام وڏو ڪردار آهي، هن عدليا جي آزادي ۽ صحافت جي آزاديءَ لاءِ تمام گهڻي جدوجھد ڪئي. رسول بخش پليجي صاحب جمهوريت جي بحالي لاءِ به زبردست تحريڪ هلائي، هن سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ شاندار جدوجھد ڪئي، سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف پليجي صاحب جدوجھدون ڪيون. رسول بخش پليجي صاحب سنڌ جي قومي جدوجھد ۾ نواڻ ۽ جدت پيدا ڪئي. رسول بخش پليجي صاحب سنڌي عوام سان ٿيندڙ زيادتين ناانصافين پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن جو ڪيس ملڪي ۽ عالمي فورمن تي جرئت ۽ بھادري سان وڙھندو رھيو. سنڌ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جھڙي منظم تنظيم جو بنياد وجھي سنڌي عورتن کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪري جدوجھدن جي نئين تاريخ رقم ڪئي.

عوامي لائيرز فورم جي اڳواڻن ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن جي منصوبن کي به مڪمل طور رد ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي ختم ڪري، گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ کي الاٽ ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪري، زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن.


جنگشاھي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب جي 95هين سالگره، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان رسول بخش پليجي صاحب آخري آرامگاهه تي تقريب منعقد ڪري قومي ۽ انقلابي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي. اڳواڻن گلن جي چادر چاڙهي سنڌي قوم جي قائد کي سلامي ڏني. سالگرہ تقريب ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نون ڪئنالن ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ تي قبضن خلاف به نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورنسا۽ پليجو، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز، مٺا خان لاشاري، گھنور خان زئنور، شاه محمد چانگ، دريا خان زئور، خالق گندرو، انور پالاري، بلاول لاشاري، غلام علي زئور، حميد خشڪ، عزيز ميمڻ، مارو خشڪ، جميل پليجو، سليم پليجو، مسعود پليجو، رياض عباسي  ۽ ٻين چيو ته رسول بخش پليجو صاحب سنڌو درياهه جو وڪيل هو، سنڌو درياهه جا وهڪرا روان دوان رکڻ لاءِ هن سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سجاڳي ڦهلائي، ڪالا باغ ڊيم خلاف ۽ ٻين اهم مسئلن تي پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ لانگ مارچون ڪيون، اڳواڻن چيو ته پليجو صاحب سنڌ جو محافظ هو، هن سنڌو درياهه جو شاندار ڪيس وڙهيو، پليجي صاحب سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ گهڻ طرفي جدوجهد ڪئي، اڄ به هن جون تقريرون ۽ لکڻيون سنڌي عوام کي همٿ ۽ حوصلو ڏئي رهيون آهن، اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجي صاحب جو فڪر سنڌي عوام لاءِ نجات جو فڪر آهي. پليجي صاحب جي جوڙيل عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سنڌ جي اهم مسئلن تي پليجي صاحب جيان جدوجهد ۾ سڀ کان اڳڀري آهي. عوام جي جدوجهد جي صورت ۾ رسول بخش پليجو اڄ به زنده آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا سنڌي عوام ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، ڇهه نون ڪئنال سنڌو درياهه سڪائڻ جي سازش آهن، پيپلز پارٽي هن سازش ۾ وفاقي سرڪار سان ڀاڱي ڀائيوار آهي، ڪرائيم پارٽنر آهي، صدر زرداري ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري ڏئي آئين ٽوڙيو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا ختم ڪري سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏنل سنڌ جون زمينون واپس وٺي، زمينون مقامي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. هنن چيو ته ڪينجهر ڍنڍ کي به منڇر جيان تباهه ڪيو پيو وڃي، پاڻيءَ کي آلودو ۽ زهريلو بڻايو پيو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے