توانائي، ترقي ۽ رٿا بندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشان آهي. اها ڳالهه هن اڄ سنڌ بيچ گيمز جي اختتامي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪئي. سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي طرفان سنڌ بيچ گيمز جي اختتامي تقريب ڪراچي جي سمنڊ ڪناري نشان پاڪستان تي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ توانائي کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ سنڌ بيچ گيمز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ۽ راندين واري سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري بيچ گيمز ۾ 14 ميڊلز سان پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ جنرل ٽرافي ڪراچي جي حوالي ڪئي، جڏهن ته حيدرآباد 4 ميڊلز سان ٻي ۽ سکر ٽين پوزيشن حاصل ڪري ٽرافي کٽي ورتي. توانائي کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ بيچ گيمز جي اختتامي تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت راندين جي تمام گهڻي حمايت ڪئي آهي، اڄ ڏورانهن علائقن جا نوجوان هتي پهتا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشان آهي، سنڌ جي نوجوانن ۾ راندين جي حوالي سان وڏو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ باصلاحيت نوجوانن کي ٽريننگ ڏئي رهيا آهيون. سيد ناصر حسين شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ پريميئر ليگ، سنڌ جونيئر پريميئر ليگ شروع ڪئي، جنهن ۾ وڏو ٽيلنٽ ڏسڻ ۾ آيو. هن وقت به بيچ گيمز ۾ نوجوانن تمام بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، جن هارايو آهي انهن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي. صوبائي وزير ناصر شاھ راندين جون سرگرميون ڪرائڻ تي سنڌ جي راندين واري وزير کي مبارڪباد پيش ڪئي. ٻئي طرف سنڌ بيچ گيمز ۾ 6 ڊويزنن مان 500 کان وڌيڪ رانديگرن حصو ورتو، جنهن ۾ 8 گيمز شامل هيون، ٿرو بال، بيڊمينٽن، باڪسنگ، هينڊ بال، والي بال، ۽ ٻين راندين ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ رانديگرن ۾ ميڊلز ورهايا ويا. تقريب ۾ راندين جي پارليماني سيڪريٽري صائمہ آغا، ضلعي ڏکڻ جي اسپورٽس آفيسر فريد علي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.